محفلن جو مور سنڌ جو ساگر…

0
201
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

اڄ قومي سياست جي ڪاڪ محل جي راڻي صبر ۽ سهپ واري صالح ان مينڌري جي ورسي آهي جنهن تڪليفن طعنن سان ڀرپور جدوجهد جي راهه ورتي هئي. اڄ اها راهه ان شخص کي ساري اداس آهي جنهن جي طبيعت ۾ سمنڊ جهڙي گهرائي ۽ ڌرتيءَ جهڙي دل هئي. جيڪو قومي سياست ۾ سونهن جو سرجڻهار ۽ عشق جو اهو آلاپ جيڪو سن جي سوڙهين گهٽين ۾ مست مور وانگر رقص ڪندو هو. جيڪو لطيف جي لفظن جي لڄ رکڻ لاءِ سچو کاهوڙي بڻيو. ھو روايتي انداز ۾ لطيف جو پارکو نه ھو پر ھن لطيف جي عميق فڪر مان ٽٻي ھڻي ماڻڪ ميڙيا ھئا هو جڏهن لطيف سائين جا شعر پڙهندي انهن جي تشريح انقلابي انداز ۾ ڪندو هو ته هزارين ماڻهن جا ڀريل پنڊال ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي پوندا هئا ۽ ھوائون به کيس رڪجي ٻڌنديون ھيون. جنهن وٽ نه صرف ساهتي پرڳڻي پر سموري سنڌ جي تاريخ جون خاصيون خبرون هونديون هيون. جنهن کي قومي ڪارڪن ۽ سنڌ جو سياسي شعور ساگر حنيف بڙديءَ جي نالي سان سڃاڻيندو هو. اهو ساگر حنيف جنھن شعور جي چانئُٺ تي پھريون قدم رکندي پاڻ کي ڌرتيءَ جي عشق سان جوڙي ڇڏيو ۽ بامقصد جدوجهد ۾ ايندڙ ھر ڏک تڪليفن هي تيرن اڳيان لطيف جي لفظن کي ڍال بڻائي اڳتي وڌندو رھيو.
جِئن جِئن تَپي ڏِينھُن، تِئن تِئن تاڻي پَنڌَ ۾؛
ڪو آڳانجهو نِينھن، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
سنڌ جي قومي سياست اندر اڳواڻن ۾ انا ۽ ڪوڙي پروٽوڪول واري معاملن تا مسئلا ٿيند رهيا آھن پر ساگر حنيف منافقيءَ ۽ ڊپلوميسي بجاءِ کليل ڪتاب وانگر سڀني جي اڳيان ھوندو ھو. اجائي ٺاهه ٺوهه ۽ ڪوڙي ڏيکاءُ پسنديءَ جي سڀني لاڙن کان پاڪ هن شخص کي قومي تحريڪ اندر وڏي دل رکندڙ بشير خان پنهنجي ساڄي ٻانهن سمجهندو هو ته وري سنڌ جو تمام وڏو دماغ عبدالواحد آريسر سندس فن خطابت کان متاثر هو ته ساڳئي وقت کيس لطيف کي مرشد چوڻ تي منع ڪندي چوندو هئس ته مرشدن جي سنڌ ۾ کوٽ ڪونهي لطيف مفڪر آهي. ھن جي فن خطابت به سنڌ جي باقي مقررن کان منفرد ھئي ھن جي ڪچھرين ۽ توڻي تقرير جي سگھه مرشد لطيف ھو.
اهو ئي سبب هو جو ساگر حنيف جتي ھوندو ھو پنھجي موجودگي محسوس ڪرائيندو ھو. ڪنهن به اسٽيج ڪنهن به فورم تي جڏهن  ڳالهائيندو هو ته سنڌ جي تاريخ ڳالهائڻ لڳندي هئي.
جوڳي تي جڙاءُ- نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو- سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ- ڪنوارين ڪڪوريو.
قومي سياست جي سينيئر کان علاوه شايد اها ٿورن ماڻهن کي خبر هجي ته هو مولانا سنڌيءَ جي فڪر کان متاثر ٿي سنڌ ساگر پارٽي مان جسقم ۾ آيو ۽ پوءِ ٿوري وقت ۾ سنڌ جي سونهن ۽ سرت واري سڃاڻپ بڻجي ويو. هو جدوجهد جي ان پنڌ ايندڙ انيڪ تڪليفن کي عشق جو انعام سمجهي لطيف سائين جي لفظن ۾ ڪجهه هيئن بيان ڪندو هيو ته:
ڪَنڊا مون پيرن ۾ توڙي لَک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپون پيرَ ڇِنن،
ويندي ڏانهن پرين، جُتي جات نه پائيان!.
هن جي مک تان ڪڏهن به پرھه جي پويتر پهر جهڙي مرڪ ميري نه ٿي هو جيڪو سائين جي ايم سيد جو سمورو سياسي پروگرام ڀٽائي جي بيتن ۾ سلجهائي روح پرور رمز سان باوقار بيانيي ۾ سمجهائيندو هو. ساگر سياست ۾ سوديبازي نه ڪئي پر ڏکي پنڌ واري بامقصد جدوجهد ڪندڙ ساگر حنيف کي تاجن ۽ تختن جي نه پر انهن اڏين ۽ انهن ڦاسي جي تختن سان چاهت هئي آريسر صاحب کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي قومي تحريڪ جو اڪيلو اڳواڻ هو جنهن قومي تحريڪ کي گهڻو ڪجهه ڏنو پر ورتو ڪجهه به نه، هن اڳيان  پڻ لالچ جي پُرلذتن جي گهوڙن کي بي لغام ڪرڻ جا به وڏا وس ڪيا ويا پر ساگر اُهو لاهوتي لال هيو جو سڀني امتحان مان پار پيو.
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي- موهيا ڪنهن نه مال،
سوڍيون سجهائي ويا- ههڙا جنين حال،
جتي ڇورين ڏنا ڇال- ته به لاهوتي لنگهي ويا.
مال تي موهجڻ بجاءِ ھن لاءِ ننڍڙي شهر پڊعيدن ۾ واهه ڪناري وارو ننڍڙو گهر ۽ سندس پنھجي ڦاٽل ساٽل جھولي ۾ رڳو ڏيھه جا ڏک سندس وڏي ميراث هئا. اھا نظرياتي پختگي ھئي جنھن جي دامن کي ھو آخري ھڏڪي تائين جھلي بيٺو رهيو. مولانا سنڌيءَ جي فڪر تي هلندڙ سنڌ ساگر پارٽيءَ کان جيئي سنڌ قومي محاذ تائين سفر ڪندڙ ساگر حنيف جا سياست جي شروعات ۾ مالي وسيلا ايترا ھئا جو بسن تي ٽرانسپورٽ تي ٿيلھو کڻي چڙھندو ھو جڏھن پساھه پورا ٿيس تڏهن به آخري چڪر بس جي ذريعي ڳوٺ پھتو ھو. سادي لباس ۾ هُن جي هلڻ جو اُهو خوبصورت انداز ۽ هن جي مسڪراهٽ ۾ اُها بيچين دلگيري ۽ هن جي لهجي ۾ اُن قابو ڪيل ڪاوڙ جو آواز ڪيترو نه مختلف لڳندو هو. هن جي تقرير ۽ ڪچهريءَ کي ٻڌي ۽ هن کي ڏسي ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سنڌ جي تاريخ کي زبان ملي وئي هجي 90 واري دور ۾ پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ جيلن جي تشدد کان مايوس ٿيڻ بجاءِ هو لطيف سرڪار پڙهندي چوندو هو ته:
ڪِلي وير ڪٽڪ ۾َ، پاکر جو پائي،
ان کي اڃان جيئڻ جو آسانگو آهي،
سورهه جو چاهي ته رڳو ئي رڻ گهري.
بشير خان ۽ آريسر صاحب جي وڇوڙي کانپوءِ هو کين تمام گهڻو ياد ڪندو هو ۽ هن جا نيڻ ان منظر تي موهجي آلا ٿي ويندا هئا سندن وصال کانپوءِ پارٽي جي حادثاتي اڳواڻن جي روين سبب ساگر سڪي ويو ھو پر لوڪ اڳيان لکا نٿي ڏنائين هو ٻنهي کي ساريندي لطيف جو اهو بيت جهونگاريندو هو ته:
نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾
آڻيون وجهن آهرين، روڙيو رتا گل
مارون پاڻ امل، مليران مرڪڻو!
ساگر حنيف جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ سنڌ جي قومي سياست گهڻي ڀاڱي ڪتابن کان ڪٽجڻ سبب ستم گر ٿي چڪي آهي. قومي سياست ۾ چالاڪ ۽ عيار ماڻهن کي وڏا عهدا مليا آهن اسان جي سياست ۾ سادن ۽ سچن ماڻهن کي ڌڪاريو ويو آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻي ڄڻ ته سياست ميدانن کان موٽي وري ڊرائينگ روم ۽ بيڊ روم وسايا آهن.
ساگر حنيف بڙدي جيترو وقت به موجود رهيو هن جي هوندي ڪڏهن هڪ پل لاءِ به ان شڪ جو پاڇو اسان جي من مٿان نه پيو ته هو اچانڪ ايئن هليو ويندو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لطيف سائين به ساگر جهڙن ئي سنڌ جي سُورهيه ۽ ڏاتارن کي دل کولي داد ڏنو آهي. سورهيه ۽ ڏاتار جو وڇوڙو لطيف سائين کي جهوري وجهندو هو. هڪ جاءِ تي دعا گهرندي چوي ٿو ته:
الله! ٻه نه مرن، هڪ سورهيه ٻيو ڏاتار،
هو ڪُڏي پوي ڪَٽَڪَ ۾، هو اڙين جو آڌار،
توڙي مٿن بار، ته به ٻانهون ڏين ٻڏن کي.