آءِ ايم ايف وٽ مجبوري ۾ ويندا آھيون، شرطن جي لاءِ عوام مٿان بار وجھڻو پوندو آھي: وزيراعظم

0
390
اسلام آباد مارچ جي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سان ڪٿي نه ڪٿي سيڪيورٽي متاثر ٿئي ٿي، مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي ۽ هر ٿوري دير ۾ آءِ ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب ماڻهن تي بار وجهڻو پوندو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان وٽ ڊسيپلنڊ ۽ تربيت يافتا فوج آهي

 ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ۾ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، وڏي محنت سان سلامتي بابت متفقه قومي دستاويز تيار ڪيو ويو آهي، پاليسي ۾ قومي سلامتي کي بهتر نموني واضح ڪيو آهي، پالسي ذريعي قوم جو قبلو درست ڪيو اٿئون

جيڪڏهن توهان کي هر وقت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ته توهان جي سلامتي متاثر ٿيندي، ملڪي معيشت ڪمزور ٿيندي ۽ دفاع به ڪمزور ٿيندو، جيڪڏهن اسان جي ترقي جي شرح گهٽجي ته پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪنداسين، وڌندو پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھوندو آھي

اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي مجبور آهيون ڇو ته آخر ۾ اهو آءِ ايم ايف آهي جيڪو اسان کي سستا قرض ڏئي ٿو، اسان کي انهن جا شرط مڃڻا پوندا ۽ اسان کي اهي شرط مڃڻا پوندا

ھي به پڙھندا

”پرويز خٽڪ صاحب، توهان سڀني جي سامهون بليڪ ميل پيا ڪيو، ملڪيت ٺاهڻ لاءِ حڪومت نه پيو ڪيان!“ وزير اعظم