”پرويز خٽڪ صاحب، توهان سڀني جي سامهون بليڪ ميل پيا ڪيو، ملڪيت ٺاهڻ لاءِ حڪومت نه پيو ڪيان!“ وزير اعظم

0
323
پرويز خٽڪ صاحب
”پرويز خٽڪ صاحب، توهان سڀني جي سامهون بليڪ ميل پيا ڪيو، ملڪيت ٺاهڻ لاءِ حڪومت نه پيو ڪيان!“ وزير اعظم

اسلام اباد: پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس دوران وزير اعظم عمران خان ۽ بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن. ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي سخت جملن تي وزير اعظم کيس جواب ڏيندي ته پرويز خٽڪ صاحب توهان سڀني جي آڏو بليڪ ميل پيا ڪيو، توهان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس، عمران خان چيو ته توهان جي بليڪ ميلنگ جاري رهي ته اپوزيشن کي دعوت ڏيو ته اچي حڪومت ڪن. هن چيو ته مان ملڪيت ٺاهڻ لاءِ حڪومت نه پيو ڪيان، منهنجا نه ڪارخانا آهن نه ڪاروبار آهي، مان هر روز آءِ ايم ايف کي ٽيڪس گهٽائڻ لاءِ چوان پيو

مان هر روز آءِ ايم ايف کي چوان پيو ته ٽيڪس گهٽ ڪيو. ان کان اڳ پرويز خٽڪ کيس چيو ته اسان توهان کي وزيراعظم بڻايو آهي، خيبرپختونخواه ۾ گيس جي بندش آهي، گيس ۽ بجلي اسان پيدا ڪيون ٿا، پيسجي به اسان رهيا اهيون، اهو رويو رهيو ته اسان ووٽ نه ڏئي سگهنداسين. ذريعن موجب پرويز خٽڪ جي ڳالهه تي وزيراعظم اٿي کڙو ٿيو ۽ چيو ته جيڪڏهن توهان مون کان مطمئن نه آهيو ته حڪومت ڪنهن ٻئي کي ڏيندس.بعد ۾ بچاءُ واري وزير چيو ته وزيراعظم سان تلخ ڪلامي ناهي ٿي، حق جي ڳالهه ڪئي، رڳو گيس جي مسئلن تي ڳالهه ٿي، آئون نه وزير اعظم خلاف آهيان نه ئي اهڙو سوچي سگهان ٿو، مون اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي ته ووٽ نه ڏينداسين،ا سان جي پارٽي جو اندروني معاملو آهي، مون ڪا سخت ڳالهه ناهي ڪئي

ھي بھ پڙھندا

ڪنهن سان تلخ ڪلامي ناهي ٿي، حق جي ڳالهه ڪئي: پرويز خٽڪ

توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو! پرويز خٽڪ ۽ وزيراعظم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ!