ڪروڙن جي فليٽس وارا روڊن تي اچي ويا، شھر جا اصلوڪا رھواسي مھاجر بڻجي ويا: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
183

ڪروڙن جي فليٽس وارا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪا ٽيرس جو غير قانوني حصو هڪ مهيني ۾ ڊاهي پٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪا ٽيرس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته شهرن جي رهواسين کي پناهگير بڻايو ويو، ڪروڙين رپين جا فليٽ خريد ڪرڻ وارا اڄ روڊن تي نڪري آيا آهن

ٻڌڻي دوران عدالت بلڊر کان پڇاڻو ڪيو ته فليٽ ڪيترو آهي؟ بلڊر محمد وسيم چيو ته فليٽ جي قيمت 20 لک رپيا آهي، عدالت ڪوڙو بيان ڏيڻ تي بلڊر کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

عدالت چيو ته صدر ۾ 2 ڪروڙ رپين جو حصو 20 لک رپين جو فليٽ هوندو، جسٽس سيد حسن رضوي چيو ته هو نٿا چاهين ته شهرين کي نقصان ٿئي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيڻ ڏينداسين، رڳو چاهيون ٿا ته عمارت جو غير قانوني حصو ڊاهيو وڃي