بھاولنگر ۾ ٽڪ ٽاڪر عورتن جو بليڪ ميلر ٽولو سوگھو

0
235
بھاولنگر ۾ ٽڪ ٽاڪر

بھاولنگر (رپورٽر) پنجاب جي علائقي بهاول نگر ۾ عورتن جو بليڪ ميلر ٽولو سوگهو ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته عورتون ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ويبسائيٽس ذريعي ماڻهن دوستي رکنديون هيون

 اُن کانپوءِ جنسي زيادتي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پئسن لاءِ ٺاهه تي مجبور ڪنديون هيون، ٽولي ۾ ٽڪ ٽاڪر شائسته، شفقت بتول ۽ صبا شامل آھن، سندن خلاف ٺڳي، بليڪ ميلنگ ۽ هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو ويو