مبارڪون ڪنهن ڪنهن کي ڏجن؟

0
159
مبارڪون ڪنهن ڪنهن کي ڏجن؟

 گذريل ڪجھه ڏينهن کان وٺي ملڪي ميڊيا ۾ پاڪستان جو FATF جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو ذڪر وڏي ڌام ڌوم سان هلي پيو. فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي خبرن کان پوءِ جنهن انداز سان حڪومت فوج توڙي تحريڪ انصاف جشن ملهائي رهيا آھن ان مان ايئن محسوس ٿئي پيو ڄڻ پاڪستان مان غربت ختم ٿي وئي، ڄڻ پاڪستان پنهنجا سڀ قرض لاهي ڇڏيا ڄڻ ته پاڪستان جي خارجه پاليسي آزاد ٿي وئي يا بس پاڪستان ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهڻ لڳيون. حڪومتي ڌر جا ماڻھو خاص طور تي پي پي پي وارا گري لسٽ مان نڪرڻ جو سڄو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو کي ڏين پيا فوج وري پنهنجي ٺاهيل سيل جي ڪاوشن کي مبارڪباد جو مستحق سمجهي ٿي مٿان تحريڪ انصاف سمجهي ٿي ته مبارڪ جو اصل حقدار ته عمران خان ۽ ان جي ٽيم آھي جنهن بهترين فيصلا ڪري ملڪ کي گري لسٽ مان ڪڍرايو.گري لسٽ مان ڪڍرائڻ جو ڪريڊٽ ته سڀ ڌريون کڻڻ لاءِ بيتاب آھن پر ملڪ کي ان گري لسٽ ۾ شامل ڪنهن ڪرايو ان جي ذميواري ڪا به ڌر قبول نه پئي ڪري. ملڪ ۾ لاقانونيت مهانگائي بدامني بي روزگاري بدعنواني ڪنهن جي ڪري ٿي ان مسئلي تي ڪا به ڌر اڳتي وڌي سيني تي هٿ هڻي پاڻ کي قصور وار نه ٿي سمجهي. ان سڄي معاملي تي حنا رباني کر سڀ کان بهترين بيان ڏنو آھي. ڪاش هن وقت جي غير مستحڪم سياسي ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ عسڪري قوتون هڪ پيج تي اچي وڃن جيئن ملڪ سنئين واٽ تي هلي سگهي باقي مبارڪون ڪنهن ڪنهن کي ڏجن ان جو فيصلو تاريخ پاڻ ڪندي.

1989ع ۾ قائم ٿيل FATF جو اصل مقصد مني لانڊرنگ کي روڪڻ هو. سڄي دنيا ۾ قومي چورن جي ڪاري ناڻي جو ڪاروبار وڏي سطح تي هلي رهيو آھي. مني لانڊرنگ وسيلي غريب ملڪن جا امير ماڻھو غير قانوني طور ملڪي ناڻو لٽي ٻاهر موڪلي پنهنجي عياشين جو سامان گڏ ڪندا آھن نه صرف اهو پر ڪجھه تنظيمون ۽ دهشتگرد آرگنائيزيشن مني لانڊرنگ ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪنديون رهن ٿيون. هن وقت سڄي دنيا ۾ هر غير قانوني ڪم لاءِ ڪاري ناڻي جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو. اهو پيسو سرحدن کان سرحدون پار ڪري يا وري ھنڊي يا حوالا وسيلي لاڳيل فردن توڙي آرگنائيزيشنز تائين پهچايو ويندو آھي. جيئن ته مني لانڊرنگ کي ڏوھه سمجھيو ويندو آھي ان ڪري پيسي جي ان غير قانوني چرپر واري ڏوھه کي روڪڻ لاءِ دنيا جي طاقتور مالي طور مستحڪم ملڪن گڏيل طور تي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جوڙي دنيا مان مني لانڊرنگ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وقت ان تنظيم ۾ دنيا جا لڳ ڀڳ ٽي درجن ملڪ ۽ يورپي يونين ميمبر آھن. انهن ملڪن ۾ اهي ملڪ شامل آھن جن جا مفاد پاڻ ۾ ملن ٿا. FATF جي ميمبرن تي جيڪڏهن  غور ڪيون ته اڪثريت ۾ اسان کي اھي ملڪ ملندا جيڪي سڌي يا اڻسڌي طور تي آمريڪا جا اتحادي آھن. فيٽف پاڪستان کي 2018ع ۾ گري لسٽ ۾ اھي الزام ھڻي شامل ڪيو  جو پاڪستان جي سرزمين مان وڏي پيماني تي مني لانڊرنگ ڪري ناڻو ٻاھر اماڻيو وڃي ٿو ۽ دھشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ٿيندي آھي. جيئن ھن فورم ۾ چين کان سواءِ پاڪستان جي دوست ملڪن جو تعداد تمام گھٽ آھي ان ڪري انڊيا جي واويلا ڪم ڪري وئي ۽ پاڪستان قربانين باوجود گري لسٽ ۾ شامل رھيو.

پاڪستان کان سواءِ ٻيا ملڪ به گري لسٽ ۾ شامل آھن.  فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي گري لسٽ کانسواءِ بليڪ لسٽ ۾  ٻه ملڪ شامل آھن انهن ملڪن جو جيڪڏھن قصور ڏسجي ته FATF جي مختلف ملڪن کي ڌار ڌار لسٽن ۾ رکڻ واري فيصلن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ان ڳالھه کان به انڪار ناهي ته فيٽف جا جوڙيل قانون بهترين آھن پر شرط اهو آھي جو انهن تي عمل ڪرڻ ۾ پسند ۽ ناپسند شامل نه هجي. ايران ۽ اتر ڪوريا جو آخر ڪهڙو قصور آھي جو فيٽف انهن  ملڪن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو؟. ايران ۽ اتر ڪوريا جو سڀ کان وڏو قصور شايد اهو آھي جو آمريڪا بهادر انهن تي ڪاوڙيل آھي. ڏٺو وڃي ته دنيا جا ڪافي ادارا طاقتور قوتن جي طاقت آڏو بيوس بڻيل آھن. هن وقت آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جيڪا رساڪشي هلي پئي ان جو اثر پوري دنيا تي واضح نظر اچي رهيو آھي. جيڪي ملڪ چين جي ويجهو آھن يا وري چين سان واپاري لاڳاپا رکيون ويٺا آھن انهن کي ڪنهن نه  ڪنهن طريقي سان پريشان ڪيو ويندو آھي. جيئن ته پاڪستان سي پيڪ منصوبي کان پوءِ آمريڪا کي گهڻو ته نه ٿو وڻي پر ڪن مجبورين ڪري پوءِ به ڀاڪر ۾ ڀريون بيٺو آھي. سياسي ۽ دفاعي اعتبار سان چين جي نسبت دنيا تي آمريڪا جو اثر گهڻو آھي مالياتي ادارا  هجن يا دفاعي اتحاد آمريڪا هر جاءِ تي اسان کي اڳواڻي ڪندي نظر ايندو. جن ملڪن تي آمريڪا جو سڌو اثر ناهي اتي سندس اتحادين جو وري اثر رسوخ آھي مطلب ته آمريڪا بهادر مختلف رنگن روپن سان اسان کي هر جاءِ تي بيٺل نظر ايندو.

عرب دنيا ۾ اسرائيل جي روپ ۾ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ وري ھندوستان جي روپ ۾ سندس موجودگي جو احساس ٿيندو آھي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان دشمني ڪنهن کان ڳجهي ناهي.   پاڪستان ۽ هندوستان جي پريت جا قصا به ڪنهن کان لڪل ناهن. پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ سڌي طرح سان هندوستان جي لابنگ ۽ افغان جنگ ۾ نيٽو سپلا روڪڻ کي سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستان آمريڪا مٿان دهشتگرد ڪاررواين کا پوءِ جنهن انداز سان آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ پنهنجا 80 هزار ماڻھو مارائي ملڪي معيشت کي تباھه ڪرايو ان کان به سڀ واقف آھن. تنهن هوندي به آمريڪا جو ساٿ نه ڇڏيو ان جي بدلي پاڪستان تي اهو الزام لڳايو ويو ته پاڪستان دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد ڪندو آھي. اهو به الزام رهيو آھي ته  سندس سرزمين مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۾ استعمال ٿيندي رهي ٿي. دنيا اھو ڀلائي ويٺي جو دھشتگردي اسان جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته آمريڪا اهو واحد بدمست هاٿي آھي جيڪو پنهنجي پيرن هيٺان جڏھن چاهي ڪنھن  ملڪ کي پنهنجي پيرن ھيٺان چيپاٽي ڇڏي کيس روڪڻ جي جرئت ڪنهن ملڪ يا اتحاد ۾ ناهي. عراق تي حملو هجي ايران ڪوريا يا روس تي پابنديون هجن. افغان جنگ هجي يا شام ۾ مداخلت. نه صرف آمريڪا پر اسرائيل فلسطين شام لبنان سميت عرب ملڪن تي جنهن انداز سان پنهنجي بربريت جا نشان ڇڏيا آھن اهي به روز روشن جيان چٽا آھن. هندوستان ڪشمير ۾ ظلم جو جيڪو داستان لکيو آھي ان کان به سڀ باخبر آھن.هندوستان جنهن انداز سان پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪري پيو يا انهن جي مالي مدد ڪري ٿو ان جي به دنيا کي ڄاڻ آھي. ڪلڀوشن جو نيٽ ورڪ جنهن جو چٽو ثبوت آھي. تنھن ھوندي دنيا جي طاقتور ملڪن کي پنهنجن جون ارهايون نظر نه ٿيون اچن. پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ٻيو وڏو الزام حقاني نيٽ ورڪ ۽ حافظ سعيد جي مالي معاونت ڪرڻ ھو ۽ انهن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ ھو. چئن سالن جي ٻارهن اجلاسن 34 شرطن تي مڪمل عمل ڪرڻ کان پوءِ نيٺ پاڪستان فيٽف کي باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جو اسين اوهان جي ڏنل هدايتن تي مڪمل طور تي عمل ڪيو. مني لانڊرنگ توڙي دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪارروايون ڪيون پر تنهن هوندي به آڪٽوبر واري ٿيندڙ اجلاس تائين پاڪستان کي گري لسٽ مان نڪري وائيٽ لسٽ ۾ شآمل ٿيڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو. ظاھري طور گري لسٽ مان نڪرڻ ھڪ سٺي خبر آھي ڇو ته ھاڻي فيٽف جا ميمبر ملڪ توڙي عالمي مالياتي ادارو، ورلڊ بينڪ ڪجھه نرم شرطن تي مدد ڪندا ۽ قرض ڏيڻ ۾ سھولتون ڏنيون وينديون.

[email protected]