مان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان جو عدالت ۾ بيان

0
194
مان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان جو عدالت ۾ بيان
مان 24 ڪلاڪن کان واش روم ناهيان ويو: عمران خان جو عدالت ۾ بيان

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته هو 24 ڪلاڪن کان واش روم نه ويو آهي

عدالت ۾ موجود وڪيلن ٻاهر اچي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته عمران خان عدالت کي ٻڌايو آهي ته اُن جي علاج لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي گهرايو وڃي

عمران خان عدالت ۾ چيو ته مونکي ڊپ آهي ته مقصود چپڙاسي وارو ڪم نه ٿئي، هيءَ انجيڪشن لڳائيندا آهن، ماڻهو آهستي آهستي مري ويندو آهي

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب ٻڌايو ته عمران خان کي گرفتاري وقت وارنٽس ڏيکاريا هئا

ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عمران خان جي وڪيلن کي دستاويز فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي

نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ڪرپشن جي جاچ ڪئي، واپس ڪيل رقم پاڪستاني حڪومت بدران پراپرٽي ٽائيڪون سان ايڊجسٽس ڪئي وئي

خواجه حارث دليل ڏنا ته القادر ٽرسٽ جي زمين تي بلڊنگ ٺهيل آهي، ٽرسٽ ۾ ماڻهو مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ٽرسٽ جو هڪ ليگل پرسن هوندو آهي، جيڪو پبلڪ آفيس هولڊر ناهي هوندو ۽ عمران خان هن وقت پبلڪ آفيس هولڊر ناهي

هي به پڙهندا

پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو