پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو

0
240

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ خيبرپختونخوا حڪومتن صوبن ۾ امن امان جي لاءِ پاڪ فوج جو خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن

پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينهن کان جاري مظاهرن ۽ ڇڪتاڻن کانپوءِ نگران حڪومت امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن

نگران حڪومت جي پڌرائي ۾ اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته امن امان لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪرڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي لکيو ويو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت درخواست جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي

ٻئي پاسي خيبرپختونخوا  حڪومت به صوبي ۾ فوج کي طلب ڪرڻ جي لاءِ وفاق کي درخواست موڪلي ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس اڻڄاتل مدي تائين بند رهندي