فوج ته مصروف هئي، اڄ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ مقرر ڪيئن ٿي وئي؟فواد

0
234
فوج ته مصروف هئي، اڄ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ مقرر ڪيئن ٿي وئي؟فواد
فوج ته مصروف هئي، اڄ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ مقرر ڪيئن ٿي وئي؟فواد

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري پنجاب ۽ ڪي پي ۾ فوج مقرر ڪرڻ واري نگران حڪومتن جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اِهو عمل فوج ۽ عوام کي سڌي ريت ويڙهائڻ جي ڪوشش آهي، آرمي چيف مامري جو نوٽيس وٺي

اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيف جسٽس آف پاڪستان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ختم ٿي چڪو آهي، ڇا آئين جي ڪا هڪ به شق بچي آهي؟

فواد چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته چيف جسٽس صاحب!، اڄ اوهان خاموش آهيو،سڀاڻي اوهان کي به ڪير چيمبر مان کڻي ويندو، پوءِ ڇا ڪندئو؟

فواد چوڌري چيو ته 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز کي ڪلين چٽ ڏني وئي آهي، عمران خان کي غريبن لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري اذيت جو نشانو بڻايو پيو وڃي

هي به پڙهندا

پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ فوج طلب ڪرڻ جو فيصلو