لياري ندي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، گھر ۽ دڪان ڊاھي پٽ

0
368

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ لياري ندي ۾ آپريشن جاري، لياري واري علائقي ٻڪرا پڙي ويجھو غير قانوني طور اڏيل گھر دڪان بلاڪن جا ٿلھا ۽ ٻڪرا پڙي توڙي دڪان ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، ڊپٽي ڪمشنر مختيار علي ابڙو جو چوڻ آھي ته غير قانوني طور گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪجھ مافيا نندي ۾ اندي قبضا ڪري ٻڪڙا پڙي ۔گھر۔دڪان ۽ بلاڪن جا ٿلھا قائم ڪري ورتا ھئا ھن چيو ته سٺ سيڪڙو انڪروچمينٽ ختم ڪئي وئي آھي سڀاڻي تائين مڪمل غير قانوني حددخليون ختم ڪيون وينديون آپريشن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بشير عباسي۔اقبال ڦلپوٽو۔جاويد قمر ريجنرز اھلڪار ۽ پوليس پڻ موجود ھئي.