مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور لڳ ڳوٺ توربند جي رهواسين پاران وڻن جي واڍي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ عبدالغفور ڪيھر ،امتياز، رياض ڪيهر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته بااثر توربند_ آباد لنڪ روڊ تي قائم سرڪاري وڻ وڍرائي/ڏ رهيو آهي، هنن چيو ته روڊ تي قائم 40 کان مٿي وڻن کي باھ ڏئي واڍي ڪرائي ڪاٺيون وڪرو ڪيون پيون وڃن، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي وڻن جي واڍي روڪرائي وڃي.