ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ بي دردي سان قتل ٿي ويل نينگر سمير ڪلھوڙو جي تڏي تي پ پ اڳواڻ سردار شاھنواز ڪلھوڙو پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته نينگر سمير ڪلھوڙو جي قاتلن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سردار شاھنواز ڪلھوڙو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري قبائلي جھيڙا ڪرائڻ چاھي ٿو، ڀرياسٽي پوليس نينگر سمير ڪلھوڙو جا قاتل پئسا وٺي ڇڏي ڏنا آھن ، جيڪڏهن ٻن ڏينھن اندر ڀرياسٽي پوليس نينگر سمير ڪلھوڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ته ايس ايس پي آفيس نوشھروفيروز اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.