ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ۾ ڳوٺ لڌو مهر جي رهواسي عورتن ۽ ٻارن دلبر مهر، منٺارمهر ۽ پيرسن عورت مائي جلان احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته وڏيرو ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. مبارڪپور پوليس ۽ وڏيري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، روز پوليس گهرن ۾ اچي تنگ ڪري ٿي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي وڏيري شھزادو ڇڄڻ ٻڌايو ته دلبر مهر وارن ڏانهن منهنجي زمين ماپ ۾ اچي ٿي جنهنجي مون گهر ڪئي آھي جيڪي هو نٿا ڏين پوء اسان پوليس وٽ فرياد ڪئي آھي.