نوشهروفيروز (رپورٽر) 8 مھينا اڳ قتل ٿي ويل ڳوٺ مناھين جي رھواسي نوجوانن امتياز ۽ رزاق سولنگي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مقتول نوجوانن جي امڙين پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول نوجوانن جي مائرن مسمات راڻي ۽ سعيد خاتون چيو ته 8 مھينا اڳ علائقي جي بااثر ماڻھن امام علي ڀرٽ، اسماعيل، منٺار ۽ شبير ڀرٽ بي گناهه نوجوان پٽن کي بي دردي سان فائرنگ ڪري قتل ڪيو پر اڃا تائين جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آھي، جڏھن ته قتل جو راڄوڻي فيصلو به ٿيو جنھن ۾ جوابدارن تي قتل جو الزام به ثابت ٿيو ۽ مٿن 70 لک خون بھا ڏنڊ به رکيو ويو پر جوابدار ان فيصلي کي به مڃڻ لاءِ تيار ناھن ۽ ڏنڊ جي رقم ادا ناھي ڪئي وئي پر الٽو ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.