ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ڳوٺ صديق سونڙ جي رھواسڻ نعمت شر پريس ڪلب پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ته 3 سال اڳ جوابدارن منھنجي مڙس کي بيدردي سان قتل ڪيو هو، مھراب شر، جمشير، غلام رسول شر ۽ سندس ساٿي منھنجي پٽ شبير احمد شر کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. ھن چيو ته رونتي ٿاڻي جي پوليس وٽ پاڪ ڪتاب به کڻي ويئي آھيان پر ھو صرف ڪوڙا دلاسا ڏيئي موٽائي ڇڏين ٿا، جيڪا مونسان ناانصافي آھي. ھن وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آھي.