لتا منگيشڪر پاران ڪورونا امداد ۾ 7 لک رپيا امداد پيش

0
409

نئين دهلي (شوبز نيوز) ليجنڊ گلوڪارا لتا منگيشڪر ڪورونا امداد ۾ 7 لک رپيا امداد پيش ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ليجنڊ گلوڪارا لتامنگيشڪر ڀارت ۾ ڪورونا وبا جي خراب ٿيل صورتحال بعد مهارا شٽر جي چيف منسٽر رليف فنڊ لاءِ 7 لک رپيا امداد ڏني آهي. مهارا شٽر جي انفارميشن اينڊ پبلڪ ريليشن جي دائريڪٽر جنرل امداد ملڻ جي تصديق ڪئي جڏهن ته وڏي وزير اڌو ٺاڪري لتامنگيشڪر جو امداد ڏيڻ تي شڪريو مڃيو.