ڪراچي پوليس جو ڪارنامو:2 ڏينهن اڳ بازياب ڪرايلن جي بدلي ٽن ڄڻن کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

0
457

ميرپورخاص ڪراچي (نمائيندن وٽان) ميرپورخاص واسي مغوي 2 ڏينهن اڳ بازياب ڪرائڻ جي انڪشاف بعد ڪراچي پوليس ٻن ڏينهن بعد مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي 3 ڏوهاري مارڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي، پوليس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته منگهو پير واري علائقي ۾ ناردرن باءِ پاس تي سي پي ايل سي ۽ اي وي سي سي پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا، جڏهن ته ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس موجب مقابلي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا جن ۾ موڪاب، علي گوهر ۽ شفيق شامل آهن، جڏهن ته ميرپور خاص واسي مغوي ذوالفقار عليم وساڻ ۽ محسن مري کي بازياب ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي مغوين کي ٻه ڏينهن اڳ هڪ بااثر جي معرفت تحت بازياب ڪرايو ويو هو، جن جي بازيابي ظاهر نه ڪئي وئي هئي، پوليس مغوين کي ظاهر ڪرڻ بدران مقابلو ڄاڻائي 3 ڄڻن کي مبينا ماري مغوين جي بازيابي ڏيکاري ڇڏي، واضح رهي ته 3 هفتا اڳ سپر هاءِ وي تان ذوالفقار وساڻ ۽ محسن مري اغوا ٿيا هئا، ٻنهي مغوين جي 12 لک رپيا ڀنگ عيوض بازيابي جو انڪشاف ٿيو هو ۽ ٻئي ڄڻا ملير پوليس جي تحويل ۾ هجڻ اجا اطلاع هئا.