اين اي 249: نواز ليگ صحيحن بنا جاري ٿيل فارم 45 اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيا

0
430
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نواز ليگ صحيحن بنا جاري ٿيل فارم 45 اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيا، سموري تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو، اين اي 249 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت نواز ليگ جي درخواست تي ٻڌڻي دوران نواز ليگ اُميدوار مفتاح اسماعيل جي وڪيل جا دليل، وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو آهي ته 167 پولنگ اسٽيشن جي فارم 45 تي صحيحون ٿيل ئي نه هيون، نواز ليگ جي پولنگ ايجنٽس کي فارم 46 به جاري نه ڪيو ويو، فارم 46 جاري نه ٿيڻ وارو عمل پريشان ڪندڙ آهي، اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون، پيپلز پارٽي جي وڪيل لطيف کوسه دليل ڏيندي چيو آهي ته نواز ليگ ڪي به شاهديون پيش نه ڪيون آهن، اسان جي ملڪ ۾ هار مڃڻ جو رواج ئي ناهي، نواز ليگ وارن پولنگ جي وقت يا اُن کانپوءِ ڪابه شڪايت نه ڪئي، هارائڻ کانپوءِ ته سڀ درخواستون ڏيندا آهن، پ پ جي وڪيل نواز ليگ جي درخواست کي غيرضروري قرار ڏئي ڇڏيو..