لاکا روڊ ڀرسان اوطاق تي ويٺل نوجوان گوليون هڻي قتل

0
206
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي
وڳڻ ڀرسان مڇي جي تلاءُ جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، هڪ زخمي

لاکاروڊ (ن پ ا) لاکا روڊ ڀرسان اوطاق تي ويٺل نظر محمد خاصخيلي تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا

ڳوٺ جان محمد خاصخيلي جو رھواسي نظر محمد خاصخيلي ڳوٺ علي محمد مڱريو ۾ اختر اعواڻ جي اوطاق تي ويٺو هو ته اوچتو موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن سندس مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا

زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال محرابپور نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

اطلاع تي لاکاروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ورتي ۽ حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رواني ٿي وئي

ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي لاکاروڊ پوليس ٻڌايو ته حملو ڪندڙ سندس ويجھا عزيز آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ جھيڙو، ھڪٻئي کي مارڪٽ