لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ جھيڙو، ھڪٻئي کي مارڪٽ

0
151
لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اين آءِ سي وي ڊي جي سيڪورٽي  گارڊز ۽ مريض جي وارثن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ٻئي کي کي مارڪٽ ڪئي وئي ۽  2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

مريضن جي وارثن ۽ سيڪورٽي گارڊن ۾ جھيڙي دوران لتن مڪن ۽ ٺونشن جو ھڪ ٻئي مٿان وسڪارو لاهي ڏنو، اسپتال انتظاميا پوليس گھرائي مريض جي وارثن کي گرفتار ڪرائي ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو

مريض جو وارث زبير بروھي چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جو عملو پيسا وٺي 4 ماڻهو گڏ ڇڏن ٿا پر اسان کي نه ڇڏيو ۽ گار گند ڪندي جھيڙو ڪيو

سيڪورٽي انچارج لياقت گراماڻي چيو ته ڊيوٽي تي موجود سيڪورٽي گارڊن ملڻ لاءِ انتظار جو چيو ته مريض جا وارث مڇرجي پيا ۽ مارڪٽ ڪئي، الزامن ۾ صداقت ناھي

ھي به پڙھندا

گمبٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو بي قابو، ٻارڙو فوت، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا