گمبٽ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو بي قابو، ٻارڙو فوت، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا

0
299
گمبٽ شهر ۽ ڀرپاسي

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ شهر ڀرپاسي ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڳوٺ وانڊ مھر جي ھڪ ئي خاندان جي ٻارن، عورتن، مردن سميت 22 ماڻھو گيسٽرو ۾ مبتلا ٿي ويا، جڏهن ته  ھڪ ٻارڙو مهدي حسن فوت ٿي ويو

گيسٽرو سبب 3 سالن جو مھدي حسن فوت ٿي ويو، جڏھن ته 11 ٻار، 5 عورتن سميت 6 مرد گيسٽرو ۾ وٺجي ويا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته 7  ٻار اسان جي وارڊ ۾ داخل آھن، جڏھن ته مرد ۽ عورتن سميت ٻار پنھنجي گھر ۾ آھن جن جو اتي ئي علاج جاري آهي، جيڪي علامتون ٻڌايون پيون وڃن ان مان ڪالرا بيماري لڳي رھي آھي