لاڙڪاڻي واسي رولو ڪتن جي نشاني تي، وڌيڪ 12 ڄڻا ڏاڙھجي ويا

0
256
لاڙڪاڻي واسي رولو ڪتن جي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

متاثرن ۾ 5 ورهين جو محرم علي سپڙو، 3 ورهين جو عبدالڪريم خروس،20 ورهين جو آزاد حسين کچي، 50 ورهين شهزادي بروهي ۽ 40 ورهين برهان باگڙي ۽ ٻيا شامل آهن

جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو جتي کين طبي امدا ڏئي گهر روانو ڪيو ويو

ان موقعي تي زخمين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان وٽ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي پر ذميوارن ڪو تحرڪ ناهي ورتو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن جو آزار ختم ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ جھيڙو، ھڪٻئي کي مارڪٽ