اشتر اوصاف جي اٽارني جنرل آف پاڪستان طور مقرري جي منظوري

0
276
اشتر اوصاف جي اٽارني جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي اشتر اوصاف علي جي بطور اٽارني جنرل آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

صدر اٽارني جنرل کي آئين جي آرٽيڪل 100 (1) تحت وزيراعظم جي مشوري تي مقرر ڪيو

خالد جاويد خان جي استعيفيٰ کانپوءِ اٽارني جنرل آف پاڪستان جو عهدو خالي ٿيو هو ۽ گذريل هفتي وزيراعظم شهباز شريف اشتر اوصاف کي اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اشتراوصاف نواز شريف جي دور ۾ به اٽارني جنرل به رهي چڪو آهي

ان کان علاوه هو 16-2015ع ۾ قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جو خاص مددگار رهيو، جڏهن ته ٻه ڀيرا پنجاب جو ايڊووڪيٽ جنرل به رهي چڪو آهي