لاڙڪاڻو: قتل ثابت، جوابدار کي جنم ٽيپ سان گڏ 2 لک ڏنڊ جي سزا

0
322

لاڙڪاڻو (ن پ ا)  لاڙڪاڻي جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي جنم ٽيپ سان گڏ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪورٽ جي جج شام لعل قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار بادل ٻرڙو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار جي خلاف 2020 ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جيڪو خون ثابت ٿيڻ تي کيس سزا ٻڌائي وئي.