گڊو ويجهو نوجوان مبينا طور اغوا، پوليس کي اطلاع

0
168

گڊو(ن پ ا) گڊو ويجھو پنجاب جي علائقي شاھوالي بستي واسي نوجوان اسد پنجابي مبينا طور تي اغوا ٿي ويو.

ذريعن موجب نوجوان جي رات طبيعت خراب ٿيڻ ڪري چيڪ اپ لاءِ شاھوالي اسپتال وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ نامعلوم ھٿيار بند ھٿيارن جي زور تي کيس اغوا ڪري شاھوالي جي ڪچي طرف کڻي ويا.

واقعي جو اطلاع شاھوالي پوليس کي ڪيو ويو، جنهن بعد ڊي ايس پي سرڪل فياض الحق ۽ ايس ايڇ او شاھوالي وڏي نفري ساڻ ڪري نوجوان جي ڳولا لاءِ شاھوالي جي ڪچي طرف لهي ويا.