جديد دور ۾ ڪم پراڻا، هاڻي سنڌ حڪومت آبادگارن کي ريڊيو ذريعي معلومات ڏيندي

0
584

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي هارين ۽ آبادگارن کي زرعي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ 3 وڏن شهرن ۾ ريڊيو نشريات جو آغاز ڪري ڇڏيو. صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جو چوڻ آهي ته ريڊيو نشريات حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ۾ شروع ڪئي وئي، جتي هارين ۽ آبادگارن کي پاڻي ۽ فصلن جي پوک بابت معلومات فراهم ڪبي.

زراعت واري صلاحڪار جو چوڻ آهي ته ريڊيونشريات وسيلي موسم جي صورتحال ۽ فصلن جي پوکي بابت ڄاڻ ڏني ويندي، ٽنهي شهرن ۾ ڊويزنل ڊائريڪٽر نگراني ڪندا، ريڊيو نشريات هڪ ڪلاڪ هوندي. منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران خوراڪ تي ڪنٽرول ۽ مستحق طبقي لاءِ سبزيون پوکڻ جو غريب عورتن لاءِ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، هن پروگرام تحت غريب هاري عورتن کي ٿرپارڪر ۾ 1500 ڪچن گارڊن ڪٽس فراهم ڪيون ويون آهن.

پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته هن پروگرام تحت ننڍي رقبي تي گهر اندر سبزيون پوکڻ جون مفت ۾ سهولتون ۽ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، سنڌ جي ٻين 500 سئو ڳوٺن ۾ به جلد آغاز ڪيو ويندو، صحت بهتر بڻائڻ لاءِ عام ماڻهن جي لاءِ ڪچن گارڊن فائديمند آهي، ڪچن گارڊن ڪٽس ۾ ڪوتال، بالٽي، ڪڙڇي، پائپ،2 سئو ليٽرپاڻي وارو ڊرم، ٻج ۽ ڀاڻ مفت ۾ فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي غريب هارين کي فصلن، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري تي به سبسڊي ڏيندي.