جسقم ۾ اختلافن بعد ڪالاڻي پاران ڌار پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان رابطا

0
723
جسقم ۾ اختلافن بعد

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نثار کوکر) سنڌ جي قومپرست جماعت جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻن اندر هلندڙ اختلاف چوٽ چڙهي وڃڻ بعد جسقم جي سينيئر اڳواڻ ۽ شهيد بشير خان قريشي جي پراڻي ساٿي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پاران الڳ پارٽي ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جسقم جو بنياد وجهندڙن مان آهيون، اسان جسقم کان الڳ ڪيئن ٿينداسين. هن چيو ته دوستن جو اگر ڪو نئون سيٽ اپ ٺهي ٿو ته ان جو نالو به جسقم ئي هوندو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پارٽي اجلاسن ۾ اڳواڻن جي روين ۽ پاليسين تي اختلاف رکون ٿا ته اسان مٿان تهمتون لڳايون وڃن ٿيون. هن چيو ته سڀني کان وڌيڪ ڏک ان مهل ٿيو جنهن مهل شهيد مقصود قريشي واري واقعي بابت غير ذميواراڻو بيان ڏنو ويو.انهن کان مان پڇڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن توهان کي ڪو شڪ آهي ته مونکي پارٽي جي ڪنهن پليٽ فارم تي گهرائي وضاحت وٺڻ بدران اجايا الزام نه هنيا وڃن. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جسقم سنڌ جي هڪ متحرڪ سياسي جماعت کي هاڻوڪي قيادت جي پاليسين ڪٿي وڃي پهچايو آهي سا ڳالهه سڀني جي سامهون آهي. اسان پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون جيئن ئي ڳالهيون فائنل ٿينديون ته ان فيصلي جو اعلان ڪنداسين.