پوليس جون زيادتيون، سيٺارجا ٿاڻي ۾ پورهيت پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

0
176
پوليس جون زيادتيون

سيٺارجا(ن پ ا) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي پاڻ کي پيٽرول هاري باھ ڏي خودڪشي جي ڪوشش، جنهن کي پوليس اهلڪارن کيس بچائي ورتو.

ڳوٺ ڊينگل ويسر واسي پورهيت فيض محمد ويسر سيٺارجا پوليس جي زيادتين خلاف سيٺارجا ٿاڻي اندر پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پورهيت دانهيو ته چار ڏينهن اڳ منهنجي ٻن نياڻين کي جوابدارن ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪيو، جنهن جو ڪيس سيٺارجا ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي کين گرفتار نٿي ڪري، جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سخت قدم کڻندس.