سنڌڙي ۾ اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، استاد ۽ شاگرد زخمي

0
325

سنڌڙي(ن پ ا) گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ڪاٺڙي جي آفيس جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ استاد ۽ شاگرد زخمي ٿي پيا، سوين شاگردن ۽ استادن جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن.

ڇت ڪرڻ سبب استاد امجد جوڻيجو ۽ شاگرد نظير ڪنڀر زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

گسٽا اڳواڻ غلام فاروق بروھي جو چوڻ آهي ته  اسڪول جي ڪم ۾ ڪميشن جي چڪر ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، جنهن ڪري 700 شاگردن جون جانيون داءُ تي لڳل آھن.

هن چيو آهي ته ن اسڪول جو ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار منسٽر جو ماڻھو ھو جنھن جي ناقص ڪم ڪرايو، ان جي خلاف احتجاج به ٿيا پر سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي.