لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم

0
247
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو سمورو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم
لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو سمورو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو سمورو ريڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت هڪ شهريءَ جي درخواست تي حڪم جاري ڪيو، حڪومت پاران 2002 کان 2022 تائين توشه خانه جو ريڪارڊ پڌرو ڪيو ويو هو

 جسٽس عاصم حفيظ شهريءَ جي درخواست تي سمورو ريڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جن دوست ملڪن تحفا ڏنا آهن اهي به ٻڌايا وڃن، ڪا به شيءِ لڪائي نه ٿي سگهجي

عدالت چيو ته  وفاقي حڪومت جي وڪيل تحفن جا ذريعا ٻڌائڻ وارين عدالت جي هدايتن تي اعتراض ڪيو، وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو ته عدالتي فيصلي خلاف اپيل ڪنداسين، جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اپيل ڪرڻ توهان جو حق آهي، قيمت جي ادائگي کانسواءِ ڪير به تحفو رکي نه ٿو سگهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ تي اجازت ملي وئي