نيو ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل

0
190
نيو ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل
نيو ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل

ڪراچي: نيو ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل ٿي ويو، نيو ڪراچي سيڪٽر فائيو جي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل ٿي ويو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جماعت اهلسنت والجماعت جي  اڳواڻ سليم کتري کي گهر ٻاهران ٽارگيٽ ڪيو ويو

پوليس ذريعن موجب سليم کتري کي 5 گوليون لڳيون، سليم عباسي شهيد اسپتال ۾ دم ڏنو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

گذريل ڏينهن گلستان جوهر ۾ مفتي  عبدالقيوم کي پڻ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو هو، مفتي عبدالقيوم جي قتل جي واردات جا سي  سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي آيا هئا، فوٽيجز ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار جوابدارن کي مفتي عبدالقيوم تي فائرنگ ڪندي ڏٺو ويو

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان مفتي عبدالقيوم قتل، سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا