اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٿر سٽيزن فورم جي اڳواڻن اوڀايو جوڻيجو، وسند ٿري، اعجاز بجير، قربان  سميجو، ديال صحرائي ۽ ٻين اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٿر جا 2600 ڳوٺ بنيادي  سهولتن کان محروم آهن، بند پيل گرلس ۽ بوائز اسڪول کوليا وڃن، زرعي، ٽيڪنيڪل ۽ ٻيون يونيورسٽيون قائم ڪيون وڃن. پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ٿر جو مک مسئلو آهي، لڳل پلانٽ خراب آهن، پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڏنو وڃي، ڏڪار جي ڪري مسئلا وڌيا آهن، خودڪشين ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪوئلي تي مقامي ماڻهن جا خدشا ختم ڪري روزگار ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٿر جو ڪوئلو ۽  معدنيات ڪڍي پئي وڃي پر ماڻهن کي ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي، ٿر جي ماحول جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، ٿر ۾ ڪوئلي ڪڍڻ لاءِ جامع پاليسي آندي وڃي، متاثر ماڻهن کي مناسب معاوضا نه پيا ڏنا وڃن، ڪوئلي جا منصوبا ٿر جي ماحوليات کي تباھ ڪري رهيا آهن، ٿر جي لينڊ گرانٽ پاليسي ۾ تبديلي آندي وڃي، ٿرپارڪر جي مڪمل زميني سروي ڪئي وڃي، ڪارونجهر اسان جو عالمي ورثو آهي،اُنهي کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي، ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بند ڪري جبل کي عالمي ثقافتي ورثي جو درجو ڏنو وڃي، ڪارونجهر جي ڪٽائي تي پابندي لڳائي وڃي، ٿر ۾ سياحت کي هٿي ڏني وڃي، لوڻ جي کاڻن جا ٺيڪا مقامي آبادي کي ڏنا وڃن، اڳواڻن چيو ته 19 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي ٿر پکڙيل آهي، جنهن مان 9 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڪوئلو آهي، لينڊگرانٽ پاليسي  آندي وڃي ۽ ٿر کي محفوظ بڻايو وڃي.