پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ تي اجازت ملي وئي

0
199

پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مينار

 تحريڪ انصاف کي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ 26 مارچ تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي

لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر رافعه حيدر پاران جلسو ڪرڻ جي اجازت وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

 پي ٽي آءِ جلسي جي اجازت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست ڏني هئي، عدالت لاهور انتظاميا کي فيصلو ڪري اڄ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي

 اجازت نامي موجب جلسي جي سيڪيورٽي جي ذميوار انتظاميا هوندي، جلسي دوران عدليه ۽ ٻين ادارن خلاف ڪنهن کي به تقرير ڪرڻ جي اجازت نه هوندي

Is change in the air? One PTI loyalist's take on last night's Jalsa - Global Village Space

ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ توهين عدالت جي درخواست تي عمران خان کان 7 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

 اسسٽنٽ ڪمشنر شاليمار پاران داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق هلائي، درخواست ۾ چيو ويو ته عدالت جو حڪم هو ته عمران خان امن امان جي صورتحال پيدا نه ڪندو

 پي ٽي آءِ چيئرمين عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ڪارڪنن پوليس ۽ جڊيشل ڪامپليڪس تي پٿراءُ ڪيو، عدالت عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته مداخلت ڪنداسين: چيف جسٽس