لاجواب بڻجي ويل عمران حڪومت

0
345

اسلام آباد ۾ برسات جو موسم آهي،جنهن موسم جي نتيجي ۾ صورتحال خوشگوار کان اڳتي وڌي ٿڌ ۾ اضافي واري ڪيفيت ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن ڪري ئي جهانگير ترين چيو آهي ته اسلام آباد مان ٿڌيون ٿڌيون هوائون اچي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو موسم ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي، پر سياسي موسم به تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ان کان اڳ چيو پئي ويو ته جهانگير ترين عمران خان جي لاءِ سياسي چئلينج بڻجي چڪو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت جو سياسي توازن بگڙجي چڪو آهي، اهڙي سياسي توازن جي تبديل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي سياسي موضوع بحث جو حصو بڻيل رهيا آهن، ڪجهه سوال اهي آهن ته جهانگير ترين ڇا پنهنجي پارٽي جوڙيندو يا مخالف ڌرجي وفاقي يا پنجاب سطح تائين ان هائوس تبديلي ۾ پنهنجو حصو وجهندو؟ ان سڄي صورتحال کان اڳ جهانگير ترين پنهنجي سياسي وزن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم عمران خان جي خواهش هئي ته جهانگير ترين جوڙيل ڪميٽي سان ملاقات ڪري، پر جهانگير ترين ڪنهن به ڪميٽي سان ملڻ کان انڪار ڪندي اهو ثابت ڪيو آهي ته سندس سياسي قد ڪاٺ ڪميٽي کان گهڻو اڳتي وزيراعظم جي سطح تائين جو آهي، جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان ملاقات نه ٿو ڪري ته پوءِ هو گهڻو وقت وزيراعظم به رهي نه سگهندو. وزيراعظم جو اهو طريقيڪار رهيو آهي ته جنهن به ڳالهه کان هو انڪار ڪندو آهي ته پوءِ ان صورتحال کي بحراني ڪيفيت ۾ آڻڻ کان پوءِ ئي ڪو رستو ڪڍندو آهي، ان لاءِ عمران خان جي سياسي زندگي منجهان سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا، پر هتي معاملو عمران خان جي بحيثيت وزيراعظم اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ واري صورتحال جو آهي، نه ته ان کان اڳ عمران خان جيئن هاڻي اين آر او نه ڏيندس واريون ڳالهيون ڪري ٿو تيئن چوندو هو ته اليڪشن ڪميشن کان سپريم ڪورٽ تائين پيش نه ٿيندس، پر پوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ به معافي نامه لکي کيس ڏيڻا پيا ته ساڳئي وقت سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار واري زماني ۾ توهين عدالت واري ڪيس ۾ به کيس پيش ٿي اهو چوڻو پيو ته مان هميشه آر اوز جي ڳالهه ڪندو رهيو آهيان، پر هينئر عمران خان پنهنجي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ اهڙي ڪنهن به اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي جنهن ۾ آصف علي زرداري، نواز شريف يا شهباز شريف سڌو يا اڻ سڌو ان اجلاس ۾ شريڪ هجن، عمران خان هندوستان سان جنگ واري ڪيفيت وارن ڏينهن کان وٺي ڪورونا وائرس واري صورتحال دوران به اهڙن اجلاسن ۾ ويهڻ کان انڪاري رهيو آهي. ان دوران حڪومتي ميمبرن کان هميشه اهي سوال ٿيندا رهيا آهن ته هڪ طرف عمران خان اين آر او نه ڏيندس يا آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي پارٽي سان ٺاهه نه ڪندس واريون ڳالهيون شد مد سان ڪندو رهي ٿو، جنهن مان محسوس ايئن ٿئي ٿو ته واقعي به عمران خان پنهنجي انهيءَ قول تي مڪمل عمل ڪندو، پر ٻئي پاسي هينئر سينيٽ وارين چونڊن دوران پنجاب اندر سندس پارٽي ن ليگ وارن سان معاملا طئي ڪري سينيٽ جون چونڊون بنا مقابلي جي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي جڏهن ته ان کان اڳ سينيٽ اندر صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين ۽ سليم مانڊوي والا کي ڊپٽي چيئرمين چونڊرائڻ واري مرحلي دوران به بقول مريم نواز جي زرداري، عمران ڀائي ڀائي واري دور مان گذري چڪو آهي، ته پوءِ هاڻي عمران خان جڏهن اين آر او نه ڏيندس واري ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ان جو مقصد ڪهڙو هجي ٿو؟ پر پاڻ هينئر اين آر او واري موضوع تي لکڻ بجاءِ انهيءَ سوال تي بحث ڪري رهيا آهيون ته ڇا وزيراعظم عمران خان آصف علي زرداري، نواز شريف، شهباز شريف جيان جنهن جهانگير ترين سان ملاقات نه ڪرڻ واري ضد تي قائم رهيو آهي
سندس اهڙو ضد برقرار رهندو يا ان ۾ يوٽرن وٺي پنهنجي حڪومت کي آيل بحران کي ٽاري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. هونئن ته حڪومت جي طرفان جوڙيل رابطن واري ڪميٽي پوءِ ان ۾ پرويز خٽڪ جهڙا سينيئر وزير به ڇو نه هجن اهڙيون ڪميٽيون نتيجا ڏيندڙ ناهن رهيون، جيڪڏهن ان جو مثال حڪومت جو ساٿ ڇڏي ويندڙ سردار اختر مينگل واري پارٽي جو ئي نتيجو ڏسي وٺو، پر هتي جهانگير ترين اهڙي ڪنهن به ڪميٽي سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري وزيراعظم عمران خان لاءِ جيتوڻيڪ ون او ون ملاقات ڪرڻ جو رستو کولي کيس اهو موقعو فراهم ڪيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم چاهي ته بحران ختم ٿي سگهن ٿا،
پر ان لاءِ عمران خان جي مٿان پارٽي جو شديد دٻاءُ به آهي ته جهانگير ترين سان سڌي ملاقات ڪرڻ گهرجي ته ساڳئي وقت عمران خان تي پنهنجي احتساب واري بيانيي جو وزن به آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪڏهن عمران خان جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٿو ته پوءِ ان کي مفادن جي ٽڪراءَ واري بحث ۾ ورتو ويندو، يا ايئن کڻي چئجي ته جهانگير ترين کي رليف ملڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر جي طرفان چيو ويندو ته جهانگير ترين کي عمران خان اين آر او ڏنو آهي. هاڻي اهو سوال ته وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين سان ملاقات ڪري ٿو يا نه اهو ته اڳتي هلي طئي ٿيندو پر هينئر عمران خان کي جهانگير ترين سان قومي اسيمبلي کان پنجاب اسيمبلي تائين ڪهڙا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز بيٺل آهن اهي نظر ۾ اچي چڪا آهن، ان ڪري عمران خان لاءِ مخالف ڌر کي منهن ڏيڻ کان علاوه پنهنجي ئي پارٽي جي اندر اهڙي نظر ايندڙ گروپ کي سامهون برداشت ڪرڻ وارو معاملو به امتحان کان گهٽ نه هوندو، جڏهن ته جهانگير ترين جي پنهنجي پٽ سميت عبوري ضمانت ۾ به 5 مئي تائين واڌ ٿي چڪي آهي، جڏهن جهانگير ترين پنهنجن 40 اسيمبلي ميمبرن سان گڏ عدالت پهچي رهيوهو ته انهن 40 ميمبرن وارو قافلو بنيادي طور تي ڪنهن به مخالف ڌر جي پارٽي جي لاءِ چئلينج بڻجڻ بجاءِ عمران خان کان عثمان بوزدار تائين جي مستقبل لاءِ سواليه نشان جهڙ ا منظر نظر اچي رهيا هئا. جهانگير ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ کان علاوه پنجاب اندر شهباز شريف جي ضمانت به نيٺ منظور ٿي وئي آهي، جڏهن شهباز شريف جي ضمانت حتمي طور تي منظور ٿي چڪي هئي تڏهن هميشه جيان پيپلز پارٽي وارا اهي سوال اٿاريندا رهيا آهن ته خورشيد شاهه جي ضمانت ڪڏهن منظور ٿيندي، پيپلز پارٽي وارا ن ليگ تي ۽ ن ليگ وارا پيپلز پارٽي تي اهڙن ضمانتن جي نتيجي ۾ بيان جي حد تائين الزام لڳائيندا رهيا آهن، پر حقيقت ۾ شهباز شريف جي ضمانت کان پوءِ عمران خان لاءِ قومي اسيمبلي کان ويندي روڊ رستن تائين ڪنهن به اضافي بحران جو نتيجو ان ڪري نظر نه ٿو اچي جو شهباز شريف جو رستو هميشه مفاهمت وارو رهيو آهي، ان ڪري هڪڙي پاسي پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري جيڪو عمران خان کي رليف نظر اچي رهيو آهي اهڙي رليف ۾ شهباز شريف جي قومي اسيمبلي ۾ اچڻ جي نتيجي ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي انهيءَ اين آر او نه ڏيندس يا بقول مخالف ڌر جي احتساب جي نالي ۾ انتقامي ڪارروايون جاري رکندو،
ان جو مثال هڪڙو اهو به ڏئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن تحريڪ لبيڪ جو هي لاهور وارو واقعو سامهون نه اچي ها ته چوڌري فواد پنهنجي بيان ۾ اهو چئي چڪو هو ته جاتي امرا سامهون راڻا ثناءُ الله جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ان تي سندس خلاف ڪيس داخل ٿيندو، جيڪڏهن حڪومت تحريڪ لبيڪ واري معاملي ۾ الجهيل نه هجي ها ته پوءِ راڻا ثناءُ الله جي گرفتاريءَ وارا منظر نظر اچن ها. ساڳئي وقت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اجلاس گهرائڻ واري طريقيڪار تي به انتهائي حيرت جو اظهار قومي اسيمبلي جا ميمبر به ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي جي ميمبرن مطابق اجلاس گهرائڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻه ڏينهن اڳ انهن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي پر هڪڙي ميمبر ٻڌايو پئي ته هو پنهنجي ڪم سان پارليامينٽ اندر موجود آفيس پهتو جنهن دوران کيس ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اهڙي رويي جي نتيجي ۾ مخالف ڌر جي سامهون اها ڳالهه عيان ٿي چڪي آهي ته پارليامينٽ جي توقير لاءِ جيڪا جدوجهد مخالف ڌر ٻاهر ميدانن کان اسيمبلي تائين ڪري رهي آهي اهڙي پارليامينٽ جي عزت ۾ موجوده اسيمبلي جي اسپيڪر جي موجودگي ۾ اضافو ٿي نه سگهندو، ان ڪري شاهد خاقان عباسي ۽ اسپيڪر جي وچ ۾ پهرين ڏينهن کان جيڪو جهڳڙو هلندڙ آهي اهو هاڻي جوتن جي ذڪر تائين اچي پهتو آهي. مخالف ڌر خواجا آصف، شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه سميت ڪنهن به قومي اسيمبلي جي ميمبر جي پروڊڪشن آرڊر لاءِ اسپيڪر سان رابطو نه ڪرڻ جو فيصلو ته پهريان ئي ڪري چڪي آهي پر مخالف ڌر اسپيڪر طرفان گهرايل ڪنهن به ميٽنگ يا ملاقات ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به اسپيڪر پنهنجي طرفان جيڪي ڪوششون ورتيون ان ۾ به اسپيڪر ڪامياب ٿيندي نظر ناهي آيو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌرجي وچ ۾ انتهائي وڇوٽي نظر اچي رهي آهي جيڪا قومي اسيمبلي جي هلندڙ اجلاسن دوران به نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته حڪومت جنهن طريقي سان ڪابينا جي اجلاس جي اندر تبديلين وارو عمل جاري رکندي آئي آهي،
ايئن ئي تحريڪ لبيڪ پاڪستان واري معاملي ۾ به حڪومت شديد دٻاءُ جو شڪار نظر آئي آهي، هڪ طرف وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب دوران به چوي ٿو ته جيڪا ڳالهه تحريڪ لبيڪ وارا ڪري رهيا آهن هو به ساڳئي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي طرف تحريڪ لبيڪ پاڪستان تي پابندي جو فيصلو به ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سان وفاقي وزير ڳالهين جا دور به جاري رکن ٿا، نه رڳو پابندي پيل تنظيم جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪن ٿا پر انهن جي مطالبن جي بنياد تي قومي اسيمبلي اندر قرارداد به پيش ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت جي مونجهاري وارا معاملا هر محاذ تي بحث جو حصو آهن. پي ڊي ايم جي ٽٽڻ کان پوءِ عمران خان سمورن بحرانن کان آجو ٿي چڪو هو، پر ڪجهه ئي ڏينهن اندر تحريڪ لبيڪ پاڪستان واري معاملي ۾ حڪومت اهڙو اچي ڦاٿي جو ملڪ اندر جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿيڻ جون ڳالهيون به بحث جو حصو بڻجڻ لڳيون پر حڪومت اهڙي بحران کي پابندي پيل تنظيم سان ڳالهيون ڪري وقتي طور رليف وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، پر ان سان اهو نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته حڪومت سمورن بحرانن کان نڪري چڪي آهي، ڇو جو هينئر به معاشي محاذ کان ويندي جهانگير ترين جهڙن ساٿين سان ملاقاتن جي معاملن تائين ڪيترائي معاملا اهڙا آهن جنهن ۾ عمران خان جي حڪومت انتظار فرمايو جهڙي ڪيفيت ۾ نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته شاهد خاقان عباسي کان مطالبا ٿي رهيا آهن ته هو اسپيڪر کان معافي وٺي ته ٻئي طرف شاهد خاقان عباسي معافي وٺڻ بجاءِ اهو چوندي نظر اچي ٿو ته صورتحال ان کان به اڳتي وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته ان ڳالهه جو به انتظار آهي ته جاتي امرا واري گهر جو نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو يا راڻا ثناءُ الله جي خلاف بقول چوڌي فواد ڪيس داخل ٿئي ٿو يا نه، اهڙا ڪيترائي سوال آهن جنهن جا جواب شايد موجوده حڪومت وٽ به ناهن.