افغانستان، تاريخ ۽ مستقبل …!!

0
610
عدم اعتماد، عالمي اقتداري مفاد ۽ گڏيل حڪومت !!

هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي طاقتون،خطي جي اهم ملڪن سان گڏجي افغانستان جي مستقبل، حصيداري ۽ مفادن جي تعين لاءِ ٽيبل تي آهن، پر طالبان هڪ ڀيرو ترڪي ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ ترڪي وارين ڳالهين کي ملتوي ڪيو ويو آهي. تاريخ ۾ افغانستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي گهڻي ڀاڱي پنهنجي جاگرافيائي حيثيت جي ڪري عالمي پسمنظر تي وڏي اهميت رکندا آيا آهن، افغانستان 652230 چورس ڪلوميٽر ايراضي تي مشتمل آهي، جنهن جي آبادي ٽي ڪروڙ اسي لک کان وڌيڪ آهي،افغانستان جي ڪل قومي پيداوار 20 ارب ڊالر آهي جڏهن ته في ماڻهو جي سالياني آمدني 592 ڊالر آهي، هڪ ئي وقت وچ ۽ ڏکڻ ايشيائي خطن ۾ شمار ٿيندڙ افغانستان گذريل ٻه سو سالن کان يورپي سامراجي قومن جي اقتصادي مفادن جي ٽڪراءَ سبب گلوبل گيم جو اهم مرڪز رهندو پيو اچي.
1772 ع ۾ جديد افغان قوم جي اَبَي احمد شاهه دراني جي وفات کانپوءِ افغانستان تي ڪمزور حڪومتون رهيون ۽ افغان شهنشاهيت لاءِ سک سامراج وڏو چئلينج بڻجي سامهون آيو، 1823ع ۾ دوست محمد خان پاڻ کي موجوده افغانستان جو امير قرار ڏنو، ان وقت ڪشمير ۽ پشاور تائين جا علائقا سک بادشاهت پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڪي هئي، افغانستان تي سک بادشاهت کان علاوه برطانوي سامراج ۽ روسي سلطنت جون به نظرون هيون، روسي اثر رسوخ وڌڻ جي خوف سبب انگريز سامراج 1838ع ۾ افغان بادشاهت سان پهرين ويڙهه وڙهي، افغان امير دوست محمد خان دهلي ۾ جلاوطن ڪري قيد ڪيو ويو، سندس تخت شاهه شجاع حوالي ڪيو ويو، پر اهو قبضو گهڻو وقت برقرار نه رهي سگهيو، 1842ع ۾ افغان قبيلن جي بغاوت سبب انگريزن کي افغانستان خالي ڪري ٻيهر اقتدار دوست محمد خان حوالي ڪرڻو پيو، 1878ع ۾ انگريزن ٻيهر روسي اثر رسوخ جي خوف کان افغانستان تي حملو ۽ افغانستان جا پرڏيهي معاملا پنهنجي هٿ وس ڪيا، جڏهن ته ڊيورنڊ لائين کي برٽش انڊيا ۽ افغانستان وچ ۾ سرحد مقرر ڪيو ويو، 1919ع ۾ پهرين مهاڀاري ويڙهه دوران ٽين انگريز افغان ويڙهه خيبر پاس وٽ لڳي، جنهن بعد انگريزن افغانستان جي آزادي تسليم ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين خيبر پاس کي سرحد تسليم ڪيو، 8 آگسٽ 1919ع تي ٿيل ان ٺاهه کي تاريخ ۾ راولپنڊي ٺاهه به چيو وڃي ٿو، 1838ع کان 1919ع تائين ٿيل سمورن واقعن، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملين کي برطانوي سامراج ۽ روس وچ ۾ “دي گريٽ گيم” جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. برطانوي سامراج هر وقت ان ڳالهه کان خائف رهيو ته روس ڪنهن به وقت افغانستان تي قبضو ڪري برٽش انڊيا لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو، تنهن لاءِ افغانستان ۾ سڌي ريت قبضو يا اڻ سڌي ريت برطانوي سامراج جي حمايتي حڪومت انتهائي لازمي آهي، جڏهن روس هميشه اها ڪوشش ڪئي ته افغانستان تي ڪيئن به ڪري قابض ٿي بلوچستان واري پٽيءَ ذريعي گرم پاڻي تائين پهچي ڪاروباري منڊين تائين اثر رسوخ وڌايو وڃي، ان سموري گريٽ گيم دوران ٽي ڀيرا برطانيا افغانستان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽئي ڀيرا ناڪام ويو. ٻين عالمي ويڙهه ۾ ڪاميابي ملڻ ،عالمي افق تي سپر پاور طور اڀرڻ کانپوءِ روسي اڳواڻي ۾ قائم سوويت يونين پڻ گرم پاڻين تائين پهچڻ واري پنهنجي پراڻي خواهش تي عمل ڪندي 1979ع ۾ افغانستان جي زمين تي قبضي لاءِ پَير رکيو پر 11 سالن جي ويڙهه دوران 50 هزار کان وڌيڪ فوجي مارائڻ کانپوءِ روس به ناڪام ٿي واپس موٽيو ۽ تاريخ ۾ هڪ ڀيرو افغانستان “ گِرَيو يارڊ آف ايمپائرز ” يا سلطنتن جو قبرستان ثابت ٿيو .
افغانستان ۾ سوويت يونين جي ناڪاميءَ کانپوءِ آمريڪا به تڙ تڪڙ ۾ جنگ جي ور چڙهيل افغان قوم کي “وار لارڊز” جي حوالي ڪري خطي مان نڪتو، جنهن جو نتيجو خطرناڪ گهرو ويڙهه جي صورت ۾ نڪتو، افغان گهرو ويڙهه سبب وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي، لکين افغان پناهه گيرن پاڪستان ۽ ايران جو رخ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان به تمام گهڻو ڀوڳيو، گهرو ويڙهه جي شڪار گروپن ۾ طالبان بطور طاقتور گروپ سامهون آيو، جنهن کي مڪمل طور پاڪستان جي حمايت حاصل هئي، پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ ڊيپٿ واري خيال تحت افغانستان ۾ هميشه پنهنجو اثر رسوخ چاهيو آهي، پر معاملا ان وقت بگڙيا جڏهن طالبان عالمي سطح تي دنيا اندر آمريڪا مفادن لاءِ خطرو بڻيل تنظيم القاعدا جي سربراهه کي افغانستان ۾ پناهه ڏني، 11 سيپٽمبر 2011ع تي آمريڪا ۾ ٿيل حملن کانپوءِ اسامه بن لادن جي ڳولا۾ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جو ميدان بڻيو، آمريڪا ۽ چاليهه اتحادي ملڪن 7 آڪٽوبر 2001ع تي افغانستان تي حملو ڪري طالبان حڪومت کي بي دخل ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ۽ اتحادي فوجين جي افغانستان ۾ موجودگي کي 20 سال گذري ويا ۽ هينئر معاملا اتي اچي پهتا آهن ته هاڻي جيڪڏهن سپر پاور آمريڪا افغانستان مان نڪري ٿو ٿو ته مستقبل جو افغانستان ڪنهن جي هٿ ۾ هوندو، ڪير افغانستان جو راڄ ڌڻي ٿيندو ۽ ڪير انهن راڄ ڌڻين جو ساٿاري هوندو. افغانستان جي جاگرافيائي حيثيت ان کي خطي جي سياسي معيشت ۾ اهم جاءِ اتي اچي بيهاري ٿي، افغانستان هڪ ئي وقت پوڻا ٻه ارب آبادي رکندڙ ڏکڻ ايشيائي منڊي جو پاڙيسري به آهي ته مستقبل جي وچ ايشيائي رياستن لاءِ گيٽ وي به آهي. چين جهڙي وڏي طاقت سان به سندس سرحدون ملن ٿيون ته وچ اوڀر خطي جي اهم طاقت ايران به سندس پاڙيسري آهي، جيڪڏهن وچ ايشيائي رياستن کان اڳتي نڪربو، روس جهڙو ديو ملڪ به سندس پريان ئي بيٺو آهي، ايتري اهم جاگرافي سبب دنيا جي سوا ٽي ارب آباديءَ لاءِ آسان ڪميونيڪيشن حب جي حيثيت رکندڙ هي هڪ اهڙو “جنڪچر” آهي، جتان سڀاڻي روس جهڙي وڏي طاقت پنهنجي گيس لائينن کي ايشيائي منڊين تائين پهچائڻ جي خواهش مند آهي ته اتي ئي چين به افغانستان جي زمين استمعال ڪندي وچ اوڀر تائين پهچڻ جي خواهش رکي ٿو، ڀارت به وچ ايشيائي رياستن مان گيس ۽ توانائي جا ٻيا ذريعا حاصل ڪرڻ لاءِ افغانستان ذريعي محفوظ زميني لنگهه چاهي ٿو ته اهڙي ريت گيس ۽ تيل جي وسيلن سان مالامال وچ ايشيائي رياستون به پوڻا ٻه ارب آبادي رکندڙ ڏکڻ ايشيائي خطي کي گيس سپلائي ڪري ناڻو ڪمائڻ چاهين ٿيون، هاڻي جڏهن سموري جاگرافيائي سياسي معيشت (جيو پوليٽيڪل ايڪانامي) جو جائزو وٺجي ته سموريون وڏيون ۽ خطي واريون طاقتون افغانستان ۾ پنهنجو اثر رسوخ چاهين ٿيون، اهي سموريون طاقتون چاهين پيون ته مستقبل جي افغانستان ۾ جڙندڙ حڪومت سڀاڻي سندن ڪاروباري مفادن جي تحفظ جي ضامن هجي، ان سموري صورتحال ۾ افغانستان سان گڏگڏ پاڪستان جي به اها ئي جيو پوليٽيڪل حيثيت آهي، تنهن جي لاءِ افغانستان ۾ استحڪام ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪ دوست حڪومت اسان جي به ملڪ جي سڀ کان اهم ضرورت آهي.
ان سموري صورتحال ۾ جتي روس ۽ چين جهڙيون وڏيون طاقتون ٻين ننڍين قوتن سان گڏجي ڪري افغانستان ۾ حصيداري تي ٽڪرائجي سگهن ٿيون، ان جي ڪري ئي آمريڪا بار بار افغانستان مان ٻاهر نڪرڻ جا بيان ڏيڻ باوجود موٽ کائي ٿو ۽ اتي رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، هن وقت به جڏهن روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاروف پاڪستان جي اهم دوري تي آيو ته ان به افغانستان ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي نه رڳو تسليم ڪيو پر بلينڪ چيڪ جي ڳالهه ڪئي، اهو بلينڪ ٻيو ڪجهه نه پر افغانستان ۾ پاڪستان کي مستقل اسٽيڪ هولڊر تسليم ڪرڻ هو. جڏهن ته ٻئي پاسي ڀارت افغانستان ۾ پاڪستان ۽ چين جي گڏيل اثر رسوخ کان خائف آهي، جيڪڏهن آمريڪا بغير ڪنهن وڏي سيٽلمينٽ جي افغانستان مان نڪري ٿو ته گهرو ويڙهه شروع ٿيندي ۽ ان ويڙهه کانپوءِ يقيني طور تي طالبان حڪومت ۾ ايندا، جيڪڏهن حڪومت ۾ نه به آيا ته ڪمزور افغان حڪومت لاءِ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ وس جي ڳالهه نه هوندي، ڇاڪاڻ ته افغانستان جا طالبان اثر رسوخ وارا علائقا لڳ ڀڳ ملڪ جي 50 سيڪڙو آباديءَ تي مشتمل آهن، ان لاءِ ڀارت سمجهي ٿو ته جيڪڏهن طالبان حڪومت ۾ آيا مضبوط ٿيا ته خطي ۾ سندن مفاد هڪ ڀيرو ٻيهر غير محفوظ ٿي ويندا ۽ ڪشمير ۾ جهاد تيز ٿي ويندو، تنهن لاءِ ڀارت خواهشمند آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ رهي ۽ صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهي. پاڪستان به آمريڪا جي افغانستان ۾ موجودگي جو خواهشمند آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ حڪومتي ٽرانزيشن دوران جيڪڏهن وڏي رتوڇاڻ ٿئي ٿي ته ان جا سڌا اثر پاڪستان تي پوندا ۽ پاڪستان پڻ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ اتي مقابلي ۾ ايندو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر به دهشتگرديءَ جي لهر سان گڏوگڏ عدم استحڪام وڌي سگهي ٿو، ان صورتحال ۾ روس، چين ۽ ايران جو ڪردار اهم آهي. حيرت انگيز طور تي ايران جا افغان حڪومت سان گڏوگڏ طالبان سان به بهتر تعلقات آهن ته روس جي طرفان بار بار ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه به ذڪر هيٺ اچي پئي ته ڪٿي روس ايران معرفت افغانستان ۾ پنهنجو اثر قائم رکڻ لاءِ بغاوت کي هٿي ته نه ڏيندو رهيو آهي،
ان کان علاوه چين جهڙي وڏي طاقت پڻ ان آسري ۾ ويٺي آهي ته جيئن آمريڪا خطي مان نڪري ته چين به پنهنجي اتحادين سان گڏ افغان معاملن جي ري سيٽلمينٽ ۾ پنهنجو وڏو حصو حاصل ڪري سگهي. روس جيڪو هاڻي گرم پاڻين تائين پهچڻ جا خواب ته وساري چڪو آهي پر هاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي گيس پئدا ڪندڙ ملڪ جي حيثيت سان سندس اها خواهش ضرور آهي ته افغانستان ۾ ڪو اهڙو سيٽ اپ اچي جيڪو سڀاڻي روس جي ڪاروباري مفادن جي بلڪل خلاف نه هجي. روس جيڪو پاڪستان اندر ٻه ارب ڊالرن جي لاڳت سان لاهور کان ڪراچي تائين گيس پائيپ لائين وڇائڻ چاهي ٿو اها پائيپ لائين افغانستان مان ئي گذرندي، پوءِ اها پائيپ لائين رڳو لاهور تائين نه هوندي پر اها سموري ڀارت ۽ بنگلاديش تائين وڃي انهن جي ضرورت پوري ڪري سگهندي، ان لاءِ انهن سمورين وڏي طاقتن کي هر صورت پنهنجي مفادن جو تحفظ گهرجي. افغانستان جو امن ۽ ويڙهه افغانستان کان وڌيڪ عالمي ۽ خطي جي طاقتن لاءِ اهم آهي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سموري گلوبل جهيڙي ۾ آمريڪا آخر ڪيئن پنهنجي سپر پاور واري حيثيت گهٽائي ٻين کي حصيداري ڏئي ويندو. هن ڀيري آمريڪا 1990ع واري غلطي دهرائيندي نظر نه پيو اچي، ان باوجود ته آمريڪا کي اها گارنٽي ملي چڪي آهي ته افغانستان جي زمين آمريڪي مفادن جي خلاف استمعال نه ٿيندي پر ٻرندڙ باهه کي وسائڻ کانسواءِ جيڪڏهن آمريڪا نڪتو ته رڳو افغانستان نه پر سموري ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيائي رياستون به سڙنديون ۽ ان جو سَيڪ روس جي چيچنيا واري علائقي ۽ چين جي سنڪيانگ واري علائقي ۾ به ايندو، تنهن جي لاءِ اڳ يا پوءِ دير يا سوير افغانستان معاملي جي مستقل حل کان سواءِ عالمي طاقتن وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي.