سازشن جي ڄار ۾ ڦاٿل سياڻا ڪانگ! 

0
338

 مذهب جي نالي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل پر  تشدد واقعا رڳو هلندڙ هفتي ڏيڍ جي ڳالھه ناهن پر ان جا پيرا کڻبا ته معلوم ٿيندو اهڙن واقعن جو سرو ماضي جي وڏين سازشن جي نه کٽندڙ سلسلي جو تسلسل آهي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ملڪ گير هڙتال ڪئي ۽ فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ ۽ فرانس ۾ موجود پاڪستان جي سفير کي واپس ملڪ آڻڻ جا مطالبا ڪيا ، جنهن کان پوءِ حڪومت تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان لکت ۾ معاهدو ڪيو ۽ سندن مٿين مطالبن کي تسليم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ليڪن جڏهن ٽي ايل پي جا مطالبا ڏنل وقت تي منظور ٿيندي نظر نه آيا  ته انهن ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪيو. هڙتال دوران پر تشدد واقعن ۾ پهرين ڏينهن تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پوليس جا 5 اهلڪار شهيد ٿيا، ۽ اندازن 500 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا، زخمين ۾ پوليس سان گڏ ڪيترائي شهري به شامل هئا. 14 اپريل تي ٽي ايل پي جي پرتشدد احتجاج جي عيوض ساڳي حڪومت ٽي ايل پي تي  دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع تحت پابندي وجهي ڇڏي. دهشتگردي ايڪٽ جي شيڊيول 4 موجب ڪابه پريس يا ٽي وي پابندي هيٺ آيل  پارٽي بابت ڪابه رپورٽ يا خبر هلائي نه سگهندي. ان ايڪٽ تحت ٽي ايل پي جي هر قسم جي سياسي چرپر تي پابندي لڳي وئي. ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي کي گرفتار ڪري ڪوٽ لک پت جيل ۾ رکيو ويو ۽ مٿس پر تشدد هڙتال ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ سندس سون جي تعداد ۾ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. حيران ڪندڙ ڳالھه اها آهي ته حڪومت جنهن پارٽي تي هفتو کن اڳ دهشتگرد تنظيم هجڻ تحت پاڻ پابندي لڳائي هئي ان پارٽي سان ئي وري باضابطه ڳالهيون به شروع ڪيون جيڪا ڳالھه حڪومت جي نااهلي ، ناسمجهي ۽ نالائقي جو واضح ثبوت آهي. حڪومت کي جيڪر ٽي ايل پي سان ڳالهائڻو ئي هو ته پوءِ مٿن پابندي هڻڻ جو ڪهڙو جواز هو؟ ان جو صرف هڪ ئي مقصد هو ته ٻاهرين دنيا خاص ڪري يورپي يونين کي اهو يقين ڏيارڻو هو ته  اسانجي حڪومت مذهبي انتهاپسندن جي خلاف آهي ان ڪري سندن سياسي چرپر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح حڪومت پاران دنيا ۾ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته حڪومت پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي سان سرڪاري سطح تي ڳالهيون ڪري دنيا جي سامهون وائکي ٿي پئي آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده پي ٽي آءِ سرڪار جهڙي ناتجربيڪار حڪومت ۽ ان جا کل جوڳا فيصلا تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٿيا آهن. ٽي ايل پي جي پرتشدد واقعن تي عمران خان وزيراعظم جي حيثيت سان جيڪو قوم کي خطاب ڪيو ان به قوم کي تمام گهڻو مايوس ڪيو. وزيراعظم صاحب فرمايو ته لبيڪ تحريڪ ۽ منهنجو مقصد ساڳيو ئي هڪ آهي پر طريقيڪار جدا آهي. ان بيان سان حڪومت جي ڪجهه وزيرن ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي جي ور  چڙهي وڃڻ جي انديشي ۽ خوف جو اظهار پڻ ڪيو .پيرا کڻبا ته خبر پوندي ته مٿين سموري ڪهاڻي جي شروعات اڄ کان 9 يا 10 سال پهريان شروع ٿي. جيتوڻيڪ هن ملڪ جي سياسي اسڪرين تي هلندڙ ڊرامن جي ڪهاڻين جا اسڪرپٽ رائيٽر ۽ هدايتڪار مخفي چهرن واران هجن ٿا پر اها هر ڪنهن کي خبر هوندي آهي ته اهي ڪير هوندا آهن، انهن ساڳين اسڪرپٽ رائيٽرز ۽ ڊائريڪٽرز پاران اهو طئه ڪيو ويو ته پنجاب ۾ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پ پ جيڪي ملڪ جون  ٻه  وڏيون سياسي پارٽيون آهن انهن جي مقابلي ۾ ڪنهن اهڙي مذهبي  سياسي جماعت کي تيار ڪيو وڃي جنهن جي ايجنڊا  مذهبي ۽ ديني ووٽ کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ هجي نتيجي ۾ انهن وڏين سياسي پارٽين جي حيثيت آهستي آهستي ختم ڪري سگهجي. هيٺ ڪجھه اهڙا نڪتا ڏجن ٿا جيڪي اڄ کان ڏھه سال  اڳ تيار ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ دين جي نالي تي متبادل سياسي مذهبي جماعت آڻڻ جي پلاننگ ڪئي وئي.
1.مذهبي ۽ فرقيواراڻن جذبن کي اڀاري مقبول سياسي پارٽين جي خلاف استعمال ڪيو وڃي.
2.مذهبي ۽ ديني معاملن کي وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي پنجاب ۾ ماڻهن کي محسوس ڪرايو وڃي ته هي پارٽيون دين جي خلاف آهن
3.اهو به محسوس ڪرايو وڃي ته ن ليگ ۽ پ پ دين کان پري آهن يا دين مخالف آهن ته جيئن عام ماڻهو کي انهن جي خلاف ڪري سگهجي.
4.ديني ۽ مذهبي معاملن ۾ ضرورت پوي ته انهن خلاف فتوائون جاري ڪيون وڃن.
5.ڪشمير جهاد هجي يا ٻيا ديني معاملا هجن جن کي سياسي پارٽيون هلائن پيون تن کي جهاد ڪشمير خلاف ڄاڻايو وڃي ۽ انهن پارٽين جي خلاف ڪيو وڃي. اهڙي طرح انتهائي خطرناڪ کيڏ کيڏندي اهڙي ته سازش سٽي وئي ته جيئن دين جي نالي تي مسجدن ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن کي به پوليٽيڪل پارٽين جي پاپولر اڳواڻن خلاف استعمال ڪيو وڃي. ليڪن چوندا آهن ته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو آهي اهو پاڻ ئي ان کڏ ۾ ڪرندو آهي. هن وقت اهو ئي ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. جن هدايتڪارن هن وقت جي اداڪارن سان گڏجي جيڪا آڳ لڳائي هئي ان آڳ ۾ هن وقت هو پاڻ ئي سڙي رهيا آهن ۽ هنن لاءِ ڌرتي  ٽامو ٿي وئي آهي. مطلب ته ڏھه سال اڳ جيڪو منصوبو پ پ ۽ ن ليگ لاءِ ٺاهيو ويو هو، اڄ ان پلان ۾ هو پاڻ ئي ڦاسي پيا آهن. هن وقت پي ٽي آئي جا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر توڙي سينيٽرز پنجاب ۽ ڪي پي جي مسجدن ۾ نمازون پڙهڻ کان به ڊڄن ٿا ۽ جن ممبرن تان ماضي ۾ مخالفن لاءِ ڪفر جون فتوائون جاري ٿينديون هيون اڄ ساڳين جاين تان وقت جي حڪومت خلاف فتوائون جاري ٿين ٿيون.  هاڻي پي ٽي آئي کي واپسي جو رستو به نٿو ملي نه ئي هو حڪومت جي ان قدم جو دفاع ڪري سگهن ٿا جنهن تحت ٽي ايل پي تي پابندي مڙهي وئي نتيجي ۾ جنهن تنظيم کي دهشتگرد ڄاڻائي مٿس پابندي مڙهي وئي ان ئي تنظيم آڏو حڪومت کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا. ڪيڏي نه معنيٰ خيز ۽ تعجب جي ڳالھه آهي ته مفتي منيب جهڙي عالم ۽ مولانا فضل الرحمان به ٽي ايل پي جي خلاف حڪومت جي قدمن کي غلط سڏيو آهي جنهن کان پوءِ مفتي منيب جيڪو 20 سالن کان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين هو اتان لهڻ کان پوءِ سندس بيان ته سمجھه ۾ اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هن اهڙي بيان جي ذريعي سرڪار جي خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ليڪن مولانا فضل الرحمان جيڪو پي ڊي ايم جو سربراھه آهي ۽ هن اڪيلي سر 9 پارٽين جي مشاورت کان سواءِ ان قسم جو بيان ڏئي ن ليگ کي به صفا اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايم اين اي امجد علي جي پيش ڪيل فرانس خلاف قرارداد تي بحث دوران اسيمبليءَ ۾ ان وقت صورتحال خطرناڪ ٿي وئي جڏهن شاهد خاقان عباسي اسپيڪر سان بحث ڪندي کيس جوتو هڻڻ جو دڙڪو ڏنو جنهن جي جواب ۾ اسپيڪر به کيس اھڙو ئي جواب ڏنو. شاهد خاقان جو موقف هو ته قرارداد گڏيل اچڻ گهرجي ته جيئن اسان جو به نالو اچي ۽ اسين به مذهبي رويو رکندڙ ماڻهن ۾ منهن ڏيکاري سگهون ليڪن پ پ هن ڀيري به اهڙي قسم جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ مذهب پرستي واري سياست کان لاتعلقيءَ جو اعلان ڪيو . توڙي جو سگهاريون ڌريون هر فيصلو عوام جي مرضي جي خلاف ڪرڻ طور مشهور آهن پر هن ڀيري جڏهن هو پنهنجي اڻيل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي پيون آهن تڏهن  هنن عوامي ووٽن سان چونڊجي آيل اسيمبلي ۾ قرارداد آندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ پ پ بائيڪاٽ ڪري اهو موقف اختيار ڪيو ته جڏهن معاهدو پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ ڪيو ويو ته اسان هاڻ ان جو حصو ڇو ٿيون؟ ڏسڻو اهو آهي ته سگهاريون ڌريون ۽ انهن جي آشيرواد سان آيل اداڪار هن ڊرامي ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ٿا ڪن!