قوم پرستيءَ کي ڪارڊ نه سمجھو….

0
480

هن ملڪ جي روولنگ ڪلاس جو ڪمال تڪبر اهو آهي ته هن سياسي نظرين کي پنهنجي مفادن لاءِ گيم يا ڪارڊ جيان هر دور ۾ استعمال ڪيو آهي. اهو نظريو ڪهڙي فڪر ۽ فلسفي جي بنيادن تي هجي انهيءَ سان هنن کي ڪو به فرق ناهي پوندو، پر هنن لاءِ لازمي شرط هي هجي ٿو ته اقتدار جي حاصلات ۽ استحڪام جي لاءِ اهي ڪارڊ ڪتب اچن. جيترو مفاد هوندو انهن جو اوترو ئي استعمال ڪيو ويندو آهي. پاڻ کي انهيءَ بيان تي ڪا به حيرت نٿي ٿئي جو ملڪ جي صدر عارف علوي صاحب سنڌ جي قوم پرستن جي گرفتارين کي سٺو سنوڻ ناهي سمجھو ۽ جڏهن هو پنهنجي همدردي سان هيءُ به چئي ٿو ته ” بحريا واقعي کان وڏو ظلم قديم ڳوٺ ڊاهڻ آهي، قوم پرستن جي گرفتارين تي سنڌ حڪومت سان ڳالهائيندم “ ساڳئي ئي ڏينهن يعني 21 جون تي شهيد متحرمه جي سالگرھ جي تقريب ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڳالهائيندي هن نقطي تي زور سان ڳالهايو ته ” قوم پرستن کي دهشت گرد قرار ڏيڻ جي سازش پئي ٿئي“ قوم پرستن سان همدردي سمجھه ۾ ايندڙ آهي.
اها همدردي ان بنيادن تي ناهي ته قوم پرست پنهنجي مادر وطن ۽ حقن جي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا يا ان جي لاءِ آوزا اٿارين ٿا، پر پاڻ جيئن سمجھون ٿا ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي آهي ۽ اسان جو صدر صاحب پي ٽي آءِ جو منتخب ڪيل صدر آهي، هو پنهنجي صدارتي فرضن کان وڌيڪ پارٽي ۽ خان ڀائي سان نڀائيندڙ ۽ وفاداريءَ جا ريڪارڊ قائم ڪري ڏيکارڻ جو فرض سمجھي ٿو. سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي. پي ٽي آءِ ۽ پ پ پ جي ڇڪتاڻ اسان سڀني جي اڳيان آهي ۽ پاڻ کي هي به خبر آهي ته زرداري صاحب به تمام وڏي ڪوشش ڪئي هئي ته عمران خان سان ايڊجسٽمينٽ ٿئي، پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ پوءِ سياسي لارا لپا سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ سرد جنگ هر روز پاڻ کي نظر پئي اچي، انهيءَ ۾ ڪو به تعجب ناهي ته سنڌ جي سياست ۾ پ پ پ کي ڏکيو وقت ڏيڻ جي لاءِ ٻي ڪا به ڌر ايتري سنجينده ناهي. پير صاحب پگاري ٻٽي نظام اچڻ کان پوءِ حيدراباد جي احتجاجي جلسي ڪرڻ کان پوءِ هڪ قدم اڳتي وڌائي وري جي پوئتي قدم کڻڻ شروع ڪيا ته خبر ناهي ته هاڻي هو ڪيترو هٽي ويو ۽ پاڻ کي اها به ڄاڻ آهي ته اها پ پ پ کي رعايت زرداري صاحب جي سيڪريٽ ڊيلنگ جي ذريعي نه ملي. جن اها گيم اڳتي ۽ پوئتي ڪئي، اهي کليل طريقي سان سڀني جي اڳيان آهن. انهي ورجاءُ جو مقصد اهوئي آهي ته هن ملڪ جو رولنگ ڪلاس. پير، ڀوتار، چوڌري، وڏيرا ۽ اسٽيبلشمينٽ پاڻ يا سندس مهرا سياسي اقتداري حڪمتِ عملي جي طور تي نظرين ۽ نعرن جو استعمال هر وقت ڪندا رهيا آهن. پاڻ پڙهندڙن جو وقت نٿا وڃايون پر ٿورڙو ورجاءُ ڪندي صرف ايترو چونداسين ته بلوچستان جا قوم پرست تڏهن انهن جي گڊبڪس ۾ اچن ٿا ته ڪڏهن ناپسند. ساڳي طرح خيبرپختون خواھ کان وڌندي پنجاب ۾ به اهوئي ٿو نظر اچي ته عوام کي نعرن سان نظرين سان همدرد ڪجي ۽ پوءِ استعمال ڪندي مفاد حاصل ڪجن. پاڻ هي چوڻ لازمي سمجھون ٿا ته بااصول عوام دوست يا عوام نظرين جي لاءِ نه رڳو قرباني ڏيندو آهي پر نظرين تان قربان به ٿي ويندو آهي، ليڪن هن رولنگ ڪلاس جي فطرت ۾ اهوئي سمايل آهي ته هو نظرين تان قربان نه ٿئي پر نظريي کي پنهنجي مفاد لاءِ قربان ڪري ڇڏي. سون سالن جي تاريخ انهيءَ ڪردار سان ڀريل رهي آهي ۽ هاڻي به نظر اچي پئي.
هي طبقو جيڪڏهن عوام دوست هجي ته انهن جي فطرت ۾ حب الوطني ۽ قوم پرستي سمايل هجي، هو ڪڏهن به قوم پرستن تي تنقيد نه ڪن پر کين اها ڄاڻ شايد گھٽ ئي آهي ته نظرين کي ڪارڊ طور استعمال ڪرڻ تاريخ جو وڏي کان وڏو گناھ هجي ٿو ۽ خاص ڪري قوم پرستيءَ جي نظريي کي نه ڪارڊ ڪري استعمال ٿو ڪري سگھجي ۽ نه وري هن نظريي تي طنز ۽ مزاح ٽوڪ کي تاريخ برداشت ڪندي. قوم پرستي اهو نظريو آهي جنهن جون پاڙون رڳو حال ۾ کٿل ناهن پر ان جو پاڙون قوم جي هزارن سالن جي تاريخ ۾ گھرائي سان وڌيل هونديون آهن. اهوئي سبب آهي جو پوري دنيا جي تاريخ قوم پرستيءَ کي عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿي. دنيا جي پوري معاشي ترقي ۽ قومي ترقي قوم پرستي جي بنيادن تي ئي بيٺل آهي، مثال جاپان جي ترقيءَ جو بنيادي نقطو جاپانين جي قوم پرستي آهي.
ٻي عالمي جنگ ۾ هٽلر جي فاشسٽن جڏهن سوويت يونين تي حملو ڪيو تڏهن سوويت يونين ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حڪومت هئي. اسٽالن جيڪو پنهنجي وار وار ۾ ڪميونسٽ هو، انهيءَ جنگ ۾ عوام کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ اهو نعرو نه ڏنو هو ته سوشلزم کي خطرو آهي، پر هن اهوئي نعرو ڏنو هو ته مادر وطن کي خطرو آهي ۽ سوويت يونين جو عوام پنهنجي مادر وطن کي بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. نه رڳو سوويت يونين پر پوري دنيا جي اندر جنگين ۾ سڀ کان طاقتور نعرو وطن پرستي جو ئي رهيو آهي ۽ جيڪا سياست وطن پرستي کان خالي هجي ٿي، اها سياست پنهنجو مڪاري وارو ڪردار ادا ڪندي ان انجام تي پهچندي جنهن جو تصور به هيءَ حڪمران ڪري نٿا سگھن. حب الوطني يا قوم پرستي هڪڙي ئي فڪر جا اصطلاح آهن، جيڪو به شخص هن نظريي ۽ اصولن سان جڙي ٿو، انهيءَ جو ڪردار قدم به قدم شفافيت ڏانهن وڌندو آهي. هن ملڪ جي اندر قوم پرست تحريڪن کي جن الزامن مان گذرڻو پيو آهي، انهيءَ تي تفصيلي بحث ٻئي دفعي ڪنداسين پر هتي صرف ايترو ورجائڻ ضروري آهي ته قوم پرستي جي تحريڪن کي بهترين دانش ۽ جرئت وارا ڪارڪن ملڻ سان گڏوگڏ اهي ڄورون به کيس لڳي ويون جن تحريڪن کي ڪمزور ڪيو ۽ انهن ڄورن قوم پرست تحريڪ جي مٿان جيڪي داغ ڇڏيا آهن انهن جي ڪري قومي تحريڪون هر وقت پنهنجو بچاءُ ڪندي نظر آيون آهن. انهيءَ جو مطلب هي نه وٺڻ گھرجي ته قوم پرستن جي اندر مڪمل مايوسي رهندي. قومي تحريڪ جو تعلق ڪڏهن به تعصب ۽ نفرت سان ناهي رهيو. قوم پرستي پنهنجي عوام سان گڏوگڏ عالميت جو جذبو پنهنجي اندر رکندي آهي بيشڪ هن تحريڪ جي اندرپنهنجي شروعاتي دور ۾ تمام گھڻيون ڪمزوريون رهنديون آهن، پر وقت حالتون ۽ ٽڪراءُ انهن سڀنيءَ جو ازالو ڪندي جڏهن اڳتي قدم وڌي ٿو تڏهن پوري قومي تحريڪ تاريخ جي هڪ شاندار اڏاوت ٿي ڪري.
اهو ممڪن ئي ناهي ته عوام جي ان حساس نظريي کي ڪارڊ جيان استعمال ڪجي. نظريي کي ڪارڊ سمجھندڙ اهو ياد رکن ته هي اهو ڪارڊ آهي، جنهن جي کيڏڻ سان هي نظريو ڪمزور ناهي ٿيندو. پر پنهنجي مظلوميت جي احساس سان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آهي ۽ ٿيندو ويندو، ڇو ته ان نظريي جي بنيادن ۾ وسيع تر قومي ۽ انساني مفاد سمايل هوندا آهن ۽ هي پنهنجو پاڻ کي ٽڪرائن ۾ وڌيڪ مضبوط ڪندو ويندو، تنهن ڪري هتي جيڪي اهو پيا سمجھن ته قوم پرستيءَ کي ”چورن“ سمجھي هلائبو ۽ کائبو، انهن کي شايد تاريخ جو جدلاتي شعور آهي ئي نه، جيڪڏهن آهي ته هو ان کي گھرائي سان سمجھڻ جي ڪوشش نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي سمجھڻ سان کين وڌيڪ خوف پيدا ٿيندو. حب الوطني يا قوم پرستي نه رڳو هزارين سالن جي تاريخ جو تسلسل آهي، پر قوم جي هر ايندڙ نسل جو جياپو ۽ نظريو به آهي.