بلاول ڀٽو جي تازي تقرير ۽ قومپرست

0
358

ان تي پاڻ اڳ ۾ ئي ڳالهائي چڪا آهيون ته بحريا ٽائون اڳيان سنڌين جي تاريخي احتجاج کانپوءِ ۽ ڪيئن ان کي پرتشدد بنائي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڄاڻي واڻي ڪن ڌرين جي اشاري تي بحريا اندر باهه جا شعلا ڀڙڪايا ويا ۽ پوءِ ان جي الزام هيٺ قومپرست پارٽين جي هزارين ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ وٺ پڪڙ شروع ٿي جيڪا ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جهڪي ٿي وئي.
پنهنجو ان وقت به واضح ۽ ساڳيو ئي موقف هو ته دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري سنڌي ماڻهن کي پ پ جي سنڌ حڪومت مٿان چڙ ڏياري پئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت کي خوار ڪيو پيو وڃي، پر چڱو ٿيو جو پ پ قيادت بروقت سنڌ حڪومت کي قومپرستن مٿان داخل ٿيندڙ وڌيڪ ڪيسن ۽ گرفتارين کان روڪڻ جي هدايت جاري ڪئي، جنهن جي جواب ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي به مثبت موٽ ڏيندي 15 جون تي رٿيل اسيمبليءَ جي گهيراءُ جو ڏنل اعلان واپس ورتو. 21 مئي تي سنڌ اسيمبلي جي حال اندر محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي مختصر تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪيل تقرير منهنجين مٿين ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ قومپرستن کي واضح پيغام ذريعي سندن جائز احتجاج جي حمايت ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو سنڌي ماڻهن جي جذبات جي ترجماني ڪندي سندن مطالبن ۽ مسئلن جي حمايت ڪرڻ سان گڏ سندن خلاف ٿيندڙ سازشن کي بي نقاب پڻ ڪيو آهي. اهوئي نه پر هن ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ خطرن کان پڻ آگاهه ڪيو آهي. پ پ چئرمين بلاول ڀٽو کليل دل سان اهو اعتراف ڪندي چيو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، ڪير سمجهي ٿو ته آئون غلط آهيان ته منهنجي خلاف به احتجاج ڪندا رهو پر ڪنهن جي محنت ۽ ڪردار کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اوهان قوم پرستن جي خلاف اها هڪ سازش آهي ته ڪهڙي ريت اوهان کي دهشتگرد ۽ انتهاپسند ۽ ملڪ دشمن قرار ڏنو وڃي، هن قومپرستن ۽ سنڌ جي سڀني ماڻهن لاءِ اهو پيغام به ڏنو ته اچو ته سڀ گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪريون، سنڌ جو هر پرامن نوجوان جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چوي ٿو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم سربراھ واري سياست آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي ۽ سنڌ ۾ هڪ دفعو وري رت جي راند کيڏي وڃي. هن اها به اهم ڳالھه به ڪئي ته هڪ اهڙو فورم به ٺاهيو وڃي ته جيئن اگر ڪو شهري سمجهي ته ريئل اسٽيٽ ۾ ان سان ڪو فراڊ يا ڌوڪو ٿيو آهي يا سندس زمين تي قبضو ڪيو ويو ته ان فورم تي ان شهري کي قانوني مدد ملي سگهي.
سنڌ جي سياسي تاريخ جو جائزو وٺبو ته پ پ جيڪا هڪ وفاقي سطح جي پارٽي آهي ان جي اعليٰ قيادت پاران سنڌ جي حقن بابت هن کان اڳ اهڙو موقوف ڪڏهن به نه آيو آهي. قومپرستن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ جي واحد نمائندہ پارلياماني پارٽي جو اهڙو موقف سنڌي ماڻهن جي دل جي ترجماني ڪندڙ آهي جنهن تي ايم ڪيو جا اڳواڻ به سخت ناراض آهن. فاروق ڀائي ته ته پ پ کي ملڪ دشمن قرار ڏيڻ ۾ به وسان ناهي گهٽايو ۽ بلاول جي انهن ڳالهين کي جواز بڻائي ايم ڪيو ايم جي الڳ صوبي واري سندن دل جي ڳالھ هڪ دفعو ٻيهر چپن تي اچي وئي آهي. بلاول ڀٽو سنڌ جي زمين جي وارثي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجو پاڻ کي پيش ڪندي هر طرح جي خدشن کي ختم ڪندي قومپرست ڌرين کي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ گڏيل ۽ پرامن جدوجهد جي دعوت پڻ ڏني آهي جيڪا ويجهي ماضي ۾ اڳ ڪنهن به ان سطح جي سياسي اڳواڻ ناهي ڪئي. ان کان علاوه بلاول ڀٽو زرداري وفاق طرفان سنڌ سان ٿيل زيادتين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي،
بلاول ڀٽو 18 هين ترميم کان پوءِ صوبن کي ڏنل حقن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان ۾ به آئين مطابق صوبن کي مليل حقن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي جيڪا پڻ سنڌ خلاف هڪ سازش ٿي رهي آهي ته 18 هين ترميم کي ڪيئن به ڪري ختم ڪجي. پاڻ پنهنجي گذريل ڪالمن ۾ بار بار ان خدشي جو ذڪر پئي ڪيو آهي ته وفاق ۾ ڪهڙي به پارٽي يا ان جي حڪومت هجي اها ڪنهن به طرح آصف زرداري پاران ڪرايل ارڙهين آئيني ترميم کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي. ان ڪري نه فقط بلاول ڀٽو جي ڪيل اپيل کي قومپرست ڌرين پاران مثبت موٽ ڏئي ان طرف ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي پر گڏيل جدوجهد لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي پڻ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، پوءِ ڀلي ته هرڪو پنهنجي پنهنجي نظريي ۽ موقف تي قائم هجي پر جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن سان ڪٿي ڪا زيادتي ٿئي ٿي ته اتي گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي. ان دوران هڪٻئي تي کليل موقف سان تنقيد ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ به هر ڪنهن جو حق آهي پر ضرويت ان ڳالھه جي آهي ته ڪنهن اهڙي ڌر جي سازش جي ور نه چڙهجي جنهن سان سنڌ دشمن قوتن کي فائدو پهچي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي به پنهنجي حدن ۾ سازشون ڪندڙ ڪجھه عناصرن تي ڪرڙي نظر وجهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سندن پرامن تحريڪ کي ڪو شخص يا ڪا ڌر ڪنهن جي به اشاري تي استعمال نه ڪري سگهي. توڙي جو قومپرست ڪارڪنن ۾ هيٺئين سطح تي صنعان قريشي ۽ الاهي بخش بڪڪ ۽ سندن ڪجهه ساٿين جو دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ ۽ ساڳئي تنظيم اندر ٻئي ڌڙي جي اڳواڻ نياز ڪالاڻي جو ساڳئي ڪيس ۾ گرفتار نه ٿيڻ جهڙا بحث ۽ شڪ شبا ظاهر ڪيا پيا وڃن پر آئون سمجهان ٿو ته اسان کي ان قسم جي سطحي ڳالهين کان بالاتر ٿي سنڌ جي مجموعي مفادن بابت سوچڻ گهرجي. چيو پيو وڃي ته ايڪشن ڪميٽي تي صنعان قريشي ۽ سندن ساٿين جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻ لاء شدت سان زور ڀرپور ويو ليڪن ايڪشن ڪاميٽي جي سربراھ هڪ ڌڪ ۾ ٻه شڪار ڪيا، زين شاهه جي پاڻ مرادو پيش ڪيل گرفتاري سان هڪ ته صنعان خان جي گرفتاري کان پوءِ سنڌ ۾ وڌي ويل سندس شهرت ۽ ماڻهن جي همدردين کي ڪائونٽر ڪيو ويو، ته ٻئي طرف تحريڪ هلائڻ لاءِ ڪراچي ۾ جلسا ڪرڻ، جلوس ڪڍڻ ۽ اسيمبلين جو گهيراءُ ڪرڻ کان به جند ڇٽي پئي. پر اهو اسان جو بحث ناهي، سياست ۾ ان قسم جا شڪ شبها ۽ بحث مباحثا ئي سياست جي سونهن آهن، البته انهن سمورين ڳالهين تي علم ۽ فهم سان سوچڻ ضرور گهرجي. اهو ايس يو پي جو فيصلو درست آهي يا غلط پر هنن زين شاھ جي ضمانت تان هٿ کڻي زين شاھ پاران پاڻ کي ڪورٽ جي آڏو سرينڊر ڪري جسقم پاران وڌايل پريشر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ واضع پاليسي ڏني آهي ته ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ جي ايم سيد جو پوٽو ايڪشن ڪميٽي جو سربراهه جلال محمود شاهه جو ڀاءُ به ساڳي الزام ۾ جيل ۾ آهي ان ڪري هاڻ ايڪشن ڪاميٽي ان دٻاءُ مان نڪري وئي آهي.
مون پنهنجي سموري سياسي ۽ قومي تحريڪ ۾ رهندي اهڙي قسم جو فيصلو اڳ نه ٻڌو آهي نه ڏٺو آهي جهڙو ايس يو پي طرفان سيد زين شاهه جي گرفتاري ۾ نظر آيو. زين شاهه جي گرفتاري سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي ۽ سنڌ جي قومپرست تحريڪ خاص طور ايس يو پي جي نئين سربراهه طور زين شاھ لاءِ سنڌي ماڻهن ۾ وڏي همدردي پيدا ٿيندي نظر پئي اچي. جلال محمود شاهه جي طبيعت به ان ڳالهه جي اجازت کيس ڪونه ٿي ڏيئي ته بيماريءَ ۾ ايترو ڪم ڪري سگهي ۽ صنعان جي گرفتاري واري عمل کان پوءِ جيتري سنڌي ماڻهن جي حمايت ۽ همدردي ان لاءِ پيدا ٿي آهي، اها هاڻي ساڳي همدردي ۽ حمايت زين شاهه لاءِ اڃا وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي.
قومپرست سياست جا اهي داءُ پيچ ٻڌائين ٿا ته قومپرست سياست جي سنڌ ۾ بهرحال هڪ اهميت آهي جنهن کي مڃيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي ساڻن مخاطب ٿي اهم ڳالهيون ڪيون آهن. ڏسڻو اهو آهي ته قومپرست اڳواڻ بلاول ڀٽو جي انهن ڳالهين کي محض هڪ سياسي تقرير ٿا سمجهن يا انهن ڳالهين تي ڪا پيش رفت به ڪن ٿا.