ڪراچي افواهن جي آڙاهه ۾

0
414

ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ به آهي ته ڪراچي سنڌ جي شهه رڳ به آهي. ڪراچي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قوميتن کي جيءُ ۾ جايون ڏيڻ وارو شهر به آهي، ته ملڪ جي آمدني جو واحد وڏو ذريعو به آهي. ڪراچي جي آبادي ۾ پنجاپي، پختون، افغاني، بلوچي، ڪشميري، سواتي، گلگتي، بنگالي، برمي، اصل سنڌي، نوان سنڌي (اردو ڳالهائيندڙ) ۽ غير ملڪي ماڻهو آباد آهن. هي شهر جيئن مون ڏٺو ته صبح سوير سندس روڊ رستا ڌوپندا هئا. شهر ۾ بسن ۽ ڪارن تي هارون وڄائڻ جي بندش هئي. نهايت امن ۽ سڪون جو مثالي شهر هو. ٻه آنا ڏئي ٽرام تي سڄو شهر گهمي وٺبو هو. بعد ۾ ماڻهن جي وڏي لڏپلاڻ، بي تحاشا ماڻهن جي آمد ۽ رهائش اختيار ڪرڻ سبب بنا ڪنهن شهري پلاننگ جي وڌندو ويو. هنيئر هي شهر لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ جي آبادي جو شهر سڏجي ٿو، جنهن جي ڪنهن منصوبي سبب صحيح آدمشماري به نه ڪئي وئي آهي. نهايت تڪڙي ۽ بنا پلاننگ آبادڪاري سبب ڏينهون ڏينهن نون مسئلن جي آماجگاهه ٿيندو ويو. ماڻهن شهر جي نالن، پارڪس، فلاحي پلاٽن ۽ روڊ رستن تي ناجائز والار ڪري گهر، پلازه، شادي هال، هوٽل ۽ دڪان ٺاهيا. اهڙي طرح بنا نقشي ۽ رٿابندي جي شهر آباد ٿيندو ويو. جنهن کي پاڻي، بجلي، گيس، ٽرانسپورٽ، تعليم، صحت، صفائي سٿرائي جي حل طلب مسئلن جا انبار لڳي ويا.
هي شهر ڪيترائي ڏهاڪا دهشتگردن جي يلغار هيٺ رهيو. روزانو نون حڪمن هيٺ هڙتال سبب شهر بند رهندو هو. ڪنهن جي به جان محفوظ نه هئي. وڪيلن کي آفيسن اندر باهيون ڏئي ساڙيو ويو، روڊ رستن تي لاشن جا ڍير لڳايا ويا. جج پنهنجن عدالتن تي پهچي نٿي سگهيا. آفيسون ۽ شاپنگ مال بند رهيا. انهي لاقانونيت واري دور به ڪراچي جي امن و سڪون ۽ تعمير و ترقي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ شهر مختلف مسئلن جو شڪار ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل مشرف جي ڊگهي دور حڪومت ۾ ڪراچي تي بادشاهي ڪندي رهي. پ پ ۽ نواز شريف جي ڏينهن ۾ به شريڪ اقتدار رهي. هنيئر تحريڪ انصاف جي مرڪزي حڪومت ۾ صدر پاڪستان، چار پنج وفاقي وزير، اٽارني جنرل، گورنر سڀ اردو اسپيڪنگ ڪراچي جي حقيقي حصي کان وڌيڪ موجود آهن. پوءِ به اسان جا اهي ڀائر سنڌ کي ٽوڙي الڳ صوبي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. وفاقي حڪومت به سنڌ حڪومت خلاف بيان بازي ڪري سنڌي ماڻهن جي جائز قانوني ۽ آئيني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد سپريم ڪورٽ کي سنڌ ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اسد عمر به ڪراچي جي عليحدگي لاءِ هٿ ڌوئي پٺيان پيو آهي. هن طرح وفاقي شهه ملڻ سبب ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جا نمائندا به ساڳيو رينگٽ لايو ويٺا آهن. سنڌ جو گورنر به وفاق ۽ صوبي کي جوڙڻ بدران ٽوڙڻ ۾ مشغول آهي. ماضي ۾ جج حضرات پنهنجن فتوائن ذريعي ڳالهائيندا هئا پر ڪجهه وقت کان سول حڪومتن ۽ ادارن جي ڪوتاهين جو ذڪر ڪيس هلائڻ دوران پنهنجي رمارڪس ذريعي ظاهر ڪن ٿا.
بغاوت پرست ٽولا پنهنجن مڪروه منصوبن جي تائيد ۽ تڪميل لاءِ اهڙن رمارڪس جو ناجائز پرچار ڪن ٿا. آئين ۾ انتظاميا مقننه ۽ عدليا جو دائرو وضاحت سان بيان ٿيل آهي. ڪير به ٻئي جي حدن ۾ وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهي، ان ڪري غلط مطلب وٺڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سنڌ سيڪريٽريٽ کي لساني رنگ ڏئي سنڌي سيڪريٽريٽ چوڻ، سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي وڏي اڪثريت واري حڪومت کي ٻهراڙي جي وڏيرن جي حڪومت سڏڻ، سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۾ اٽڪاءُ وجهڻ، ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا بيان ڏيڻ، سنڌي بولي ۽ ماڻهن خلاف نفرت جي ٻولي ٻولڻ ۽ سنڌين کي ڪنڊائتو ڪرڻ سان پاڪستان جي خدمت نه پر پاڪستان خلاف سازش سمجهي ويندي. ڪراچي جن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، اهي سمورا سور سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ موجود آهن ته سنڌ جا ٻيا صوبا به انهن مسئلن کان بچيل نه آهن.
ملڪ مڙيو ئي منصور ڪهي ڪهندين ڪيترا
اهڙين ڏکين حالتن ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي جي مسئلن جو ذڪر ڪري چوي ٿي ته ڪراچي پاڪستان کي پالي رهي آهي. اسان سندن هن ڳالهه سان متفق آهيون ته ڪراچي پاڪستان کي پالي ٿي پر اهو به سوچڻ گهرجي ته ڪراچي کي ڪير پالي رهيو آهي. ڪراچي جي ڪارخانن جون رونقون ۽ روشن بتيون ٻهراڙي جي محنت ڪش ماڻهن جي محنت جون مرهون منت آهن. ٽيڪسٽائل لاءِ ڪپهه ڪٿان ٿي اچي؟ فلور ملن کي ان ڪير ٿو ڏي؟ کنڊ لاءِ ڪمند ڪٿي ٿو پوکجي؟ کاڄرو تيل لاءِ تيلي فصل ڪير ٿو اپائي؟ ڪراچي ۾ کير، ڀاڄيون، گوشت، پاڻي، مرچ مصالحا ڪٿان ٿا اچن؟ سيمينٽ ڪٿي ٿو ٺهي؟ انهن ڪارخانن کي هلائڻ لاءِ ليبر ڪٿان ٿو اچي؟ ڪراچي جي انهن مسئلن سان گڏوگڏ ٻهراڙي وارن جي بيشمار مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو به سوچڻ گهرجي. جيڪي انهن ڪارخانن ۽ پوري ملڪ کي هلائڻ لاءِ نٽهڻ اس، ساڙيندڙ جهولن ۽ سياري جي برساتن، نانگن، بلائن جي وچ ۾ رهي پاڻ پتوڙي رهيا آهن، پوءِ به پٺن اگهاڙا بکيا پيٽ بجلي، گيس، صاف پاڻي، ٽرانسپورٽ، روڊ رستن، صحت، تعليم، امن امان ۽ صاف سٿري ماحول کان محروم آهن. ڪراچي جي سوچ سٺي سوچ آهي پر ڪراچي کي ڪراچي بنائيندڙ محنت ڪش مزدورن، هارين، آبادگارن ۽ مالوندن جي سار سنڀال لهڻ به ضروري اهي. ٻهراڙين ۽ ضلعي شهرن کي به انهن جو حصو ڏيڻو پوندو.
ملڪ جا مسئلا ايترا ته ڳنڀير آهن جو صوبي جي ساري بجيٽ ڪنهن به هڪ ضلعي تي ۽ پاڪستان جي پوري بجيٽ ڪراچي شهري تي هڪ سال لاءِ خرچ ڪجي ته سندن سڀ مسئلا حل ٿي سگهندا. پوءِ به سنڌ حڪومت تي الزام لڳائي سنڌ جي شهه رڳ سنڌين جي ساهه جي سڳي يعني ڪراچي کي سنڌ کان ڇنڻ يا ڪٽڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان سنڌين جي لاشن تان گذرڻو پوندو. ڪو به باعزت سنڌ ڄائو پنهنجي امڙ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ نه ڏيندو. جنرل ضياءُ الحق به ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ دهشتگردن جي پشت پناهي ڪري سنڌ حڪومت کي مفلوج ڪيو. جنرل مشرف به سڄي سنڌ لاءِ الڳ ضلعي نظام ۽ ڪراچي جي پنجن ضلعن جو هڪ مرڪزي نظام بنائي سنڌ ۽ ڪراچي ۾ تفريق پيدا ڪئي. هينئر تحريڪ انصاف به انهي رستن تي هلي رهي آهي.
معلوم هئڻ گهرجي ته ڪراچي جي اصل باشندن کان علاوه ٻين صوبن جا لکين ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي اچن ٿا. روزي ڪمائي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪلين ٿا. انهن ماڻهن جو اضافي بار به ڪراچي جي شهري سهولتن تي آهي، جنهن جو حصو الڳ مرڪز کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ گهرجي، ته هو ڪراچي جي حصي ۾ آيل فندن ۽ مرڪز کان مليل انهن واڌو فنڊن کي ملائي ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪري. باقي سنڌ خلاف سازشون ڪري ڪراچي کي سنڌ کان ڇنڻ ۾ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ برابر هوندو.
ڪراچي گهڻ قومي شهر آهي. سنڌين انهن سمورين قومن کي برداشت ڪيو آهي پر ڪراچي کي ڪنهن هڪ لساني ٽولي جي حوالي ڪرڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟ ان کان اسان جي محب وطن فوج به چڱي طرفح واقف آهي، جيڪا ملڪ جي سرحدن ۽ پاڪستان ٺاهيندڙ صوبن جي حقن ۽ حدن جي حفاظت جي پاسبان آهي. عدالتون به اسلامي ۽ آئيني حقن ۽ قانونن مطابق سنڌ خلاف ڪنهن به اهڙي سازش جي لاءِ تيار نه آهي. سنڌ جا ماڻهو به پنهنجي سنڌ امڙ جي سلامتي لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ لاءِ ڪفن سر سان ٻڌي ويٺا آهن، ان ڪري يقين اٿم ته سنڌ زنده باد، پاڪستان پائنده باد.