قومون پنھنجي تاريخي ماڳن جي حفاظت هينئن به ڪنديون آهن … ڊاڪٽر برڪت نوناري

0
151
قومون پنھنجي تاريخي ماڳن جي حفاظت هينئن به ڪنديون آهن ... ڊاڪٽر برڪت نوناري

خيبر جو شھر سعودي عرب ۾ مديني کان ڏيڍ سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آھي. خيبر جو شھر حجاز (قديم عربستان) ۾ يھودين جو سڀ کان وڏو شھر ھُئو جتي 7 ھجريءَ ۾ خيبر جي جنگ لڳي ۽ يھودين کي شڪست ملي جنھن کان پوءِ يھودي اھو شھر ڇڏي ھليا ويا. (ھتي خيبر جي جنگ جا تفصيل نٿا لکجن)

                         يھودين جي فتح ٿيل قلعي ۽ خالي ڇڏيل گهرن کي چوڏھن سئو سال گذري ويا آھن پر سندن ڇڏيل جڳھن جي ھڪ سر يا ھڪ ٿوڻي به ناھي پٽي وئي. يھودين نڪرڻ وقت پنھنجي زمينن تي لڳل کجيءَ جا وڻ به ساڙي ڇڏيا جن جو ڪاٺ به نٿو کنيو وڃي. يهودين جي ڇڏيل گهرن جي ڪا هڪ سر يا ڪا هڪ ٿوڻي به چوري ناهي ٿي ۽ خيبر جي قلعي ۾ يهودين جي عبادتگاھ به بغير نقصان جي موجود آهي.

                         چوڏهن سئو سال گذرڻ کان پوءِ به ڪنهن مسلمان خليفي يا بادشاھ يهودين جي هن شهر کي مسمار نه ڪيو ۽ نه ئي يهودين جي شهر جو نالو تبديل ڪيو.

                         ٿي سگهي ٿو ته سعودي عرب جي تبديل ٿيل پاليسين کان پوءِ يھودي سياح پنھنجي ابن ڏاڏن جي آستاني جي زيارت ڪرڻ به اچن.

سنڌي ھندن ته ڪا به جنگ نه ڪئي ھُئي ۽ نه ئي ڪنھن مسلمان کي قتل ڪيو ھئائون جنھن جي پلاند ۾ کين پنھنجا گهر ڇڏڻا پيا پر سندن ڇڏيل ملڪيتن تي ڌاريا قابض ٿي ويا. سندن ملڪيتن کي ڊاھي نيون عمارتون تعمير ڪري اسان جي ثقافتي ورثي کي به ميساريو ويو ايتري حد تائين جو سندن نالن سان سڏجندڙ شھرن ڳوٺن ۽ اسڪولن اسپتالن جا نالا به تبديل ڪيا ويا آھن. (فيس بوڪ تان ورتل)