خبر پيئي، رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو آهي، سڀاڻي پهريون روزو آهي، ذيشان پنهنجي دوست احمد کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏنيون، احمد ڀاڪر ڇڏائي حيرت مان ذيشان کي ڏسڻ لڳو، چتائي ڇا پيو ڏسين، مون سمجهو رمضان جو ٻڌي خوش ٿيندين، ان ڪري سڀ کان پهرين توکي مبارڪ ڏني اٿم، پر تنهنجا ته طوطا ئي اڏري ويا آهن، يار ذيشان تون ته منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهين، مان سمجهندو هئس ته تون ئي منهنجي حال ۽ ماضي کان واقف آهين، پر اڄ حيرت جي حد تائين حيران آهيان ته تون مون کان ڪيڏو نه اڻڄاڻ آهين، اسين غريبن لاءِ پهريون ۽ آخري روزو ڪهڙي اهميت رکي ٿو، اسان جا ته ٻارهو ئي روزا آهن، بلڪه اي دوست! اسانجي ته روزن جا هاڻ آخري ايام هلي رهيا آهن، ها رمضان ۾ اسانجا روزا ڪجهه وڌيڪ ڊگها ضرور ٿي ويندا آهن، هر شئي جا اگهه ٻيڻا، ٽيڻا ٿي وڃڻ ڪري هن مهيني ۾ اسانجا روزا ڪڏهن ٻئي ڏينهن ته ڪڏهن ٽئين ڏينهن کُلندا آهن… ذيشان خاموش بيٺل رهيو، شرمساري هن جي نرڙ تي چٽي ٿي بيهي رهي، اڙي يار تون پريشان نه ٿي، توهان جا روزا ته رڳو 30 ڏينهن آهن، اسانجا روزا ازل کان عبد تائين هلندا، احمد ذيشان کي آٿت ڏيندي اڳتي هليو ويو. (فيس بوڪ تان ورتل)