شهدادڪوٽ جي بچت بازار …

0
155
شهدادڪوٽ جي بچت بازار ...

 فدا ڀٽي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ضلعي جي ٻن تعلقن شهدادڪوٽ لاءِ ايم پي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ ءِ وارهه لاءِ ايم پي اي برحان خان چانڊيو کي حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهن تي ضروري شين جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير  ضلعي لاءِ  مقرر ڪيو آهي ته جيئن رمضان المبارڪ جي بازارن جي نگراني ڪن. هي آهي شهدادڪوٽ جي رمضان المبارڪ جي بچت بازار. جنهن تي جاويد براهوي لکيو ته شھدادڪوٽ وارن سان ھي ڪھڙو مزاق آهي ريٽ ته ساڳيا آهن پوءِ بچت بازار ڇا جي، وري ھن لاءِ ايم پي اي رکيو ويو آهي، احسان غلام جوڻيجو لکيو ته ھنن ايم پي ايز کي پتو ئي ناهي ته انتظاميا جيڪي بازارون لڳايون آھن تِن ۾ نه سامان آهي ۽ نه بچت! جيڪو ڪجهه آهي سو وٺڻ جھڙو ناهي! کين گهُرجي ته جيئن ھو عوام کان پري آھن تيئن ئي پنھنجا نالا به سرڪاري مانيٽرنگ لسٽ مان ڪڍرائي نالي ماتر ذميواري کان آجا ٿين. انور مصطفيٰ لکيو ته بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، معشوق اوڏ لکيو ته اسان وارا چونڊيل نمائندا ڪهڙو وري هر ويلي تي ڪلو اٽي جو وٺي کائن ٿا جو کين عام ماڻهو جو احساس ٿيندو، لال بخش سيال لکيو ته ڪجھه ڪونه ٿيندو شھر وارا پنھجي قسمت تي روئن،. ايڊووڪيٽ ابرار حسين سومرو لکيو ته واھ واھ واھ وڏي بازار آ وڏو مال پيو آ وڏو عوام آ سستي بازار سستي بازار سستي بازار، رميز راجا تنيو لکيو ته اسان وٽ جيڪا انڌير نگري لڳي پئي آهي ته ڪنھن به تعلقي ياڪنھن به شھر ۾ ڪونه ھوندي اسان جو شھر نڌڻڪو شھر آهي ھتي ھر آفيسر من پسند ۽ سفارشي رکيل آهي ان آفيسر کي ڇوٽ مليل ھوندي آهي ڪير پڇڻ وارو ناهي.