قمبر ۾ نافرمان پٽن پوڙهي پيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو، در بدر

0
157

قمبر (ن پ ا) قمبر اسٽيشن محلي ۾ نافرمان پٽن پوڙهي پيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏيو پيرسن دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، ان سلسلي ۾ پيرسن ڀائي خان چانڊيو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي پٽن غلام حسين چانڊيو ۽ نور حسين چانڊيو خلاف دانهيندي چيو ته ٻئي پُٽ ملڪيت جي لالچ ۾ اچي نافرمان ٿي ويا ۽ مون کي زبردستي گهران ڪڍي ڇڏيو اٿن، جنهن سبب دربدر ٿي ويو آھيان. هن ٻڌايو ته مون کي گهر مان ڪڍي منهنجي جڳهه کپائڻ چاهين ٿا، اهڙي دانهن قمبر ٿاڻي تي به ڏني آهي پر ڪو به تدارڪ نه پيو ٿئي، پيرسن شخص ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر کي اپيل ڪئي ته منهنجي نافرمان پٽن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.