ڪرمپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڏهه ڄڻا زخمي

0
127
اوٻاوڙي مان مبينا

ڪرمپور(ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ چنيسر مياڻي ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پانڌي خان، هزارو، امام بخش، عبدالجبار، اربيلو، برڪت، غالب، نادر ۽ ٻه عورتون شامل آهن، ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي علاج لاءِ خانپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شديد زخمي ٿيلن کي شڪارپور ريفر ڪيو ويو آهي.