سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب مئٽرڪ ۽ انٽر جا ملتوي ٿيل ساليانا امتحان شروع، پيپر وقت کان اڳ آئوٽ

0
262
امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سبب مئٽرڪ ۽ انٽر جا ملتوي ٿيل ساليانا امتحان شروع، حيدرآباد تعليمي بورڊ تحت نائين ڪلاس جا امتحان ورتا پيا وڃن، صبح واري شفٽ ۾ بائيولاجي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا پيپر جاري، عمرڪوٽ ۽ ڪُنري ۾ ميرپور خاص تعليمي بورڊ تحت يارهين ڪلاس جي شاگردن کان فزڪس جو پيپر ورتو پيو وڃي، امتحاني سينٽرز تي ڪورونا ايس او پيز نظرانداز، ڪُنري ۾ امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پيپر ليڪ، شاگردن کي واٽس ايپ تي سوالنامو ملي ويو، انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل، سکر، خيرپور ۽گهوٽڪي ۾ فزڪس جو پيپر جاري آھي.