افغانستان پاران پاڪستان سان ون ڊي سيريز کيڏڻ جي تصديق

0
197

ڪابل(اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اها سيريز سري لنڪا جي شهر همبنٽوٽا ۾ پهرين کان 5 سيپٽمبر تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سيريز لاءِ ٽيم جلد سري لنڪا رواني ٿيندي، ان جي ميزباني افغانستان جو ڪرڪيٽ بورڊ ڪندو سموريون ميجچون آءِ سي سي ون ڊي سپر ليگ جو حصو آهن، افغان بورڊ پنهنجي ٽيم جو به اعلان ڪري چڪو آهي. ٽيم ۾ رحمت الله گرباز، ابراهيم زدران، ثاقب اٽل، رحمت شاهه، حشمت الله شاهدي، نجيب زدران، اڪرام عليخيل، شاهد ڪمال، محمد نبي، ڪريم جنت، عظمت عمرزئي، راشد خان، عبدالرحمان، نوين الحق، مجيب الرحمان، فضل حق فاروقي، نور احمد لڪنوال شامل آهن.