قمبر ٻھراڙين جي ٻوڏ متاثرن جي درد ڪٿا….!

0
307
قمبر-ٻھراڙين-جي-ٻوڏ-متاثرن-جي-درد-ڪٿا

  “سڄي عمر جھوپڙي نما گھر ۾ زندگي گذري، سموري زندگي جي پورھئي بعد سرن جو گھر ٺھرايو، جتان زندگي شروع ڪئي وڃي اتي ئي واپس وري آھي، وري گھر ٺاھڻ لاءِ ٻي حياتي گھرجي جيڪا مون وٽ ناھي سواءِ چئن ٻارن ۽ ھڪ گھرواري جي.”  ھي ڪھاڻي آھي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ان پورھيت جي جنھن مٿا سٿا ڏئي پنھنجي ۽ ٻچن جي حياتي جو چرخو پئي ھلايو، جنھن سمجهيو ٿي ته سڄي زندگي جي محنت سبب ھاڻ ڪي چڱا ڏينھن اچڻ جا سانباها پيا ڪن. پر چوماسي جي لڳاتار مينھن  ۽ ٻوڏ ھن جي ڳوٺ، ھن جي گھر ۽ ھن جي سمورين خواھشن تي جھٽ پل ۾ پاڻي ڦيري ٻوڙي ڇڏيو. ھي ڪھاڻي صرف ان ھڪ پورھيت جي نه پر لکين پورهيتن ۽ ھارين جي پڻ آھي. جيڪي ھاڻ ان اوسيئڙي ۾ آھن ته ٻڏل ڳوٺ مٿان سرڪاري ھيلي ڪاپٽر اچي ۽ سموري ڳوٺ جي سوين خاندانن لاءِ صرف ٻه کن ڪٽا چانورن جا اڇلائي ته جيئن ھڪ ويلي جي بک کي گھڙي کن مات ڏئي سگھجي.

                 ھو ڪيترائي ڏينھن ان امداد جي آسري ويٺو پر ٺيڪ 12 ڏينھن کانپوءِ آواز آيو، ۽ سموري ڳوٺ ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ائين ئي سوين ماڻھو ان جاءِ تي بيٺا جتي متان کان ھيلي ڪاپٽر پئي اڏاميو. 2 منٽ ترسي ھيلي ڪاپٽر سوين خاندانن لاءِ صرف ڪٽا چانور ۽ کنڊ اڇلي اڏامي ھليو ويو، پر ھن کي لپ چانورن جي به ھٿ نه آئي، ائين ئي ھو مايوسي جي عالم ۾ ڀڳل ٽٽل بت ساڻ واپس ٻچن ڏانھن وريو.

ايترا ڏينھن بک ۽ پيڙاءُ واري صورتحال ۾ گذاريندي نيٺ اين جي او وارا به پھتا، پر ھو مايوس ھو، ھن راشن نه پئي وٺڻ چاھيو، پر سندس پاڙيسري کيس زوريءَ وٺي ويا، اين جي او وارا کيس ٻه ڪلو اٽو، گيھه ۽ ڪجھه ڪچو سيڌو ھٿ ۾ ڏئي لڳاتار ڦوٽو ڪڍڻ جي ڀرمار لائي ڏني، ھو ويتر پشيمان ٿيو، ۽ وڏي ڪرڀ محسوس ڪندي ھن ڪنڌ ھيٺ ڪيو. کيس ڪڏھن به اندازو نه ھو ته ٻه ڪلو اٽي لاءِ کيس ايتري اذيت ڀوڳڻي پوندي. ٻه ڪلو اٽي لاءِ سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي ڦرنديون پيون ته ڦلاڻي ڳوٺ جي ڦلاڻي مزدور کي راشن فراھم ڪيو ويو. اھا صورتحال نه رڳو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي پر لڳ ڀڳ مڙني ٻوڏ متاثر ضلعن جي ماڻھن سان درپيش آھي. رپورٽن موجب ھن وقت قمبر شهدادڪوٽ سموري ضلعي جي سواءِ شھر جي ٻي آبادي ٻوڏ متاثر آھي، ضلعي جون سموريون زمينون پاڻي ھيٺ آھن، ٻھراڙيون مڪمل طور تباهه ٿي ويون آھن، ھتان جو اڪثريتي طبقو پورھيت ۽ ھاري آھي، جن جي جيئندان جو ذريعو صرف زراعت آھي. ساريون پوکي، فصل پوکڻ ۽ لڙڻ جي مزدوري ڪري پنھنجو پيٽ گذر ڪندا آھن. پر سندن زنده رھڻ جو واحد ذريعو به وٽن ناھي رھيو. ھاڻ ھو اھو سوچي سوچي ويتر پاڻ جھوري رھيا آھن ته پاڻي مان زندھ بچي وياسين پر خبر ناھي ھاڻ ڪيئن زنده رھنداسين، جڏھن کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھه نه رھيو ھجي، جڏھن مزدوري ڪرڻ جو به ڪو رستو نه ھجي…..! اتي مرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نظر نٿو اچي….!

ھڪ مٿان اجھو ڪو نه، ٻيو بک، ٽيون بيمارين جو منھن ڪڍڻ….! ھينئر پوري سنڌ ھڪ وڏي الميي کي منھن ڏئي رھي آھي. کلي آسمان ھيٺ پيٽ بکايل بيمار ماروئڙا جيئري ھوندي به مئل نظر اچن ٿا….! رياست نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي، 500 خاندانن تي ٻڌل ڳوٺ لاءِ صرف 5 ڪَٽا چانورن جا اڇلي ۽، پيناڊول جو پتو ۽ او آر ايس جو ٻه ٿيلهيون ڏئي پنھنجي ذميواري پوري ڪندڙ حڪومت پنھنجي پر ۾ خوش آھي…! گيسٽرو، مليريا، ڊائريا، چمڙي، ۽ ٻين موتمار بيمارين جي ور چڙھيل ٻوڏ متاثر ڇا صرف پيناڊول گوري ۽ او آر ايس جي ساشي سان صحتياب ٿيندا…..؟ ڳوٺ واري ٻوڏ متاثر ٻڌايو ته “ھتي يوسي سطح واري سرڪاري اسپتال آھي پر ھر مرض جي دوا صرف اھا ھڪڙي ئي ڏني وڃي ٿي، اسان به خوش آھيون ته ڪجھه ته مليو….!  تر جا چونڊيل نمائندا پنھنجا سر بچائي ڪراچي ھليا ويا، ھاڻ تازو اسان کين ووٽ ڏنا ھئا اميد ھئي ته ھو سار لھندا پر اھو سڀ وھم ھو.” سرندي وارا لڏي وڃي محفوظ ھنڌن تي پـُڳا، پر اسان وٽ جڏھن ھڪ ويلي لاءِ به پئسا ناھن ته اسان ڪيئن لڏپلاڻ ڪري سگھياسين پئي؟ اسان جو ڄڻ ته جيئڻ ۽ مرڻ ھن مٽيءَ سان آھي، گھٽ ۾ گھٽ ان مٽيءَ تي دم ڏئي اسان نڀائي ته سگھون ٿا.”

ھڪ پاسي عوام جي اھا صورتحال آھي، ٻي پاسي قمبر جو ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندا ان ڳالھه تي وڙھن پيا ته سرڪار پاران آيل فنڊ ۽ راشن اسان حوالي ڪيو ته اسان پنھنجي من پسند وڏيرن کي ڏيون.  اھا صورتحال آھي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي، جتي ھر ان موقعي مان فائدو ورتو پيو وڃي جنھن سان عوام جو موت ۽ چونڊيل نمائندن، سرڪاري عملدارن جا ڀڀ ڀرجن ٿا….!  سوشل ميڊيا تان خبر پوي ٿي ته ھتي پوري سنڌ سان اھڙي حالت آھي…! خبر ناھي ته ايندڙ ڏينھن ۾ ٻھراڙين جي ان پورھيتن، ھارين ۽ نارين جو ڇا ٿيندو، جن وٽ اڃا تائين سرڪاري امداد، اين جي او وارا ۽ ٻيون سياسي پارٽيون ناھن پھچي سگھيون….! راشن ورھائيندڙ ڪيترن ئي تنظيمن جو ڌيان صرف شھرن جي ٻوڏ متاثرن تي آھي، انھن تي ناھي جيڪي ھينئر تائين ڳوٺن ۾ ڦاٿل آھن…! وڏي اچرج جهڙي ڳالهه اھا آھي جو ٻھراڙين جي انھن علائقن تائين به اڃا تائين انھن سياسي سماجي تنظيمن جي رسائي ناھي ٿي….! حڪومت ۽ اين جي اوز وارن کي ڇڏيو، پر سنڌ جي گھڻ گھرين پارٽين کي گھرجي ته جيڪا به ھو امداد ڪري سگھن ٿيون سان اڪثريتي حصو ٻھراڙين جي انھن ماڻھن تائين پھچي ورھائين جيڪي اڃا تائين ڳوٺن ۾ ڦاٿل آھن…..!