جاگيرداري سرشتي ۾ جڪڙيل تعليمي ادارا ۽ اسان جو مستقبل!

0
152

غلام علي زئور 

  سنڌ جي تعليم جي تباھي ڪا ويجھڙ جي ڳالھه ناھي پر پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ھڪ طرف غير جمهوري قوتن ھٿرادو سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ جا منصوبا رٿيا، جنھن ۾ سنڌ جي ڪوڙي ۽ من گھڙت تاريخ پڙھائڻ، سنڌ جي اصل ڪردارن کي مسخ ڪرڻ، انتها پسندي وارو نصاب مڙھي سنڌي ماڻھن جي ذھنن کي مڪمل مفلوج بنائڻ ھو ته ٻئي طرف ھتي جي سردارن، وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ جاگيردارن انھن جي دلالي ۽ ڪمداري ڪري ڪرسي حاصل ڪرڻ جي آسري ۽ ملڪيتن جي لالچ ۾ ٻھروپيو ڍونگ رچائي سنڌ جي تعليم کي مڪمل تباھ ڪرڻ جون رٿابنديون ڪيون. سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن انھن ٻاھرين سامراجين ۽ سنڌ دشمنن جي دلالي جو فرض مڪمل طرح سرانجام ڏيندي خيرن سان سنڌ جي تعليم جا ھيستائين مڪمل کنڌا کڻي ڇڏيا آهن. سنڌ جي يونيورسٽين اندر ڪرپشن جي ڀرمار ھڪ طرف غريب ۽ ھاري جي ٻار کان تعليم پرائڻ جو حق ئي کسي ورتو آھي، 20 ھزار رپيه فيس ڀريندڙ شاگرد ھاڻي 40 ھزار کان به وڌيڪ فيس ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟ ھڪ ھزار واري مارڪشيٽ يا سپلي ھاڻي 3 کان 6 ھزار تائين پھچي چڪي آھي! جتي ھڪ شاگرد جي والدين جي آمدني روزاني جي خرچ کان به گھٽ ھجي ان جي ايتري فيس ڇا ادارا اسڪالرشپون ڏيئي پوري ڪري سگھندا؟ ٻئي طرف ان ڳاٽي ٽوڙ فين جي اوڳاڙي بدلي يونيورسٽي ۽ ھاسٽلن اندر ڪا به بنيادي سهولت مھيا نه ٿي ڪئي وڃي، شاگردن لاءِ صاف پاڻي، واشرومن جي صفائي کان ويندي سوَلي ٽرانسپورٽ به استعمال نه ٿي ڪئي وڃي. ڀڳل ٽٽل بسن ۾ ھيستائين ڪيترائي معصوم شاگرد موت جو شڪار ٿي چڪا آھن جن جو ڪو ازالو به ناھي ٿي سگھيو ۽ نه ئي ھن جاگيرداري واري سرشتي ۾ سواءِ ھڪ مضبوط عوامي سگھه جي ٿي به سگھي ٿو.

ٿورو غور ويچار ڪبو ته خبر پوندي اسان وٽ درسي تعليمي نظام ڪھڙن بنيادن تي رکيل آھي؟ اسان وٽ پرائمري کان ويندي اعليٰ تعليم تائين طبقاتي ۽ جاگيرداري تعليمي نظام جو سرشتو جڙيل آھي، جنھن جو بنياد وڏيرڪي ۽ جاگيردارنه نظام تي رکيل آھي، جنھن مان سٺو شاگرد، محقق، معياري ذھن رکندڙ، اسڪالر، سائنسدان، پنھنجي شعبي ۾ ماھر، تاريخدان يا سماجي ماھر نه پر پنھنجي مرضيءَ جا پروڊڪٽ (Products) تيار ڪرايا وڃن ٿا، جن ۾ شاگردن جي ذھنن کي محدود سوچن جي ڪٽھڙي ۾ بيھاري وسيع تر علمي خزانن کان اڻ واقف ڪرائي وڏيرن، جاگيردارن ۽ عوام دشمن طبقن جي مفادن وٽان شاگردن جا ذھن مڏا ڪري ‘جي حضوري ڪريو، وڏيري کي ويھي سائين سائين ڪريو، مذھبي انتهاپسندي ۽ ڪٽرپڻي’ جي تعليم ڏني وڃي ٿي، باقي علم جو ٿيو خير! سنڌ اندر ڪيترائي درس تدريس سان لاڳاپيل استاد توڙي پروفيسرز بجاءِ پنھنجي قوم جو نسل سڌارڻ جي وڏيري ۽ جاگيردار جي اوطاقن جا دائي بڻيل آھن يا انھن جي ڪمداري ڪندڙ آھن! يونيورسٽين ۾ ويسين کان ويندي ايڊمنسٽريٽرن ۽ پروفيسرن تائين سمورو عملو پرچي سسٽم تي ڀرتي ڪيل آھي جن جو ڪم آھي موجوده سرڪار جي جي حضوري ڪرڻ، ان جي شان ۾ قصيدا ڳائڻ ۽ انھن جي حمايت ۾ ٺونٺ جيڏا مضمون لکي واھ واھ ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ. باقي تعليمي نظام جي جيڪا صورتحال آھي، ان جي تبديلي جو جيڪو سوال آھي، ڊولپمينٽ جو جيڪو ڪم آھي، شاگردياڻين جا ڦاھو ملندڙ لاش، کٽارا بسن ذريعي شاگردن جا موت ۽ شاگردن جي بنيادي سهولتن جي گھرج تي نه ڳالھائبو ڇو ته اھو سنڌي غريب ھاري جي پٽ کي باشعور ڪرڻ جو سوال آھي ۽ ادارن مان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ ادارن کي معياري بڻائيندو.

ھر حڪومت ۽ گھڻو ڪري موجوده سرڪار تعليمي ادارن ۾ خاص ڪري سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن لاءِ سفارشي ڪلچر ۽ پرچي سسٽم تي استاد ڀرتي ڪرڻ جو نظام جوڙي ڇڏيو آھي، جن جو ڪم آھي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به وڏيرڪو راڄ ھلائڻ ۽ وڏماڻھپ ڏيکارڻ. مٿيون جاگيردار پنھنجي ماتحت کي ڪمدار بڻائي ڪم ٿو وٺي ۽ اھو وري پنھنجي ماتحت آفيسر کي ڪمدار ڪري ٿو رکي، پوءِ ويندي اھو ڪلچر شاگردن تائين عام آھي. موجودہ حڪومت پنھنجانوازي ڪندي پنھنجو من پسند جاگيردار، ڪامورو، وڏيرو يا ڪمدار اعليٰ تعليمي اداري جو وائيس چانسلر مقرر ڪري ٿي ڇڏي، پوءِ اھو يونيورسٽين ۽ تعليم کي ڪھڙي ترقي ڏياريندو؟ ان جو سموري سنڌ ۾ جيڪي وڏيرن جا ڪارناما ۽ ترقي آھي انھيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته تعليمي ادارا ڪھڙن ماڻھن جي حوالي ڪيا ويا آھن.

اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ ۽ شاگردن کان فيسن جي اوڳاڙي ڪندڙ سنڌ جي يونيورسٽين جي سائنسي شعبن ۾ تجربن جا اوزار موجود ناھن. فزڪس جھڙي شعبي ۾ شاگردن لاءِ عملي تجربو ڪرڻ لاءِ ڪا سهولت ته ٺھيو پر اوزار ئي ناھن جو شاگرد ماپن، برقي قوتن، حرڪت ۽ ڪشش ثقل بابت ڪي تجربا ڪري سگھن يا ڪنھن ليب ۾ ھو پنھنجي سوچ ۽ محنت مان نتيجو حاصل ڪن. پر ھتي اھي ليبارٽريز ئي ڊسٽربنس جو شڪار ٿيل آھن. ڪيمسٽري جھڙي شعبي ۾ ڪيميڪل ئي ناھن، جديد مشينري ۽ مائيڪرو اسڪوپ جي به اڻهوند آھي.

شاگردن کان فين ذريعي اربين رپين جي اوڳاڙي باوجود سنڌ جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ معيار جي تعليم ڏيندڙ استاد مھيا نٿا ڪيا وڃن! يونيورسٽي جھڙي اداري ۾ جنھن استاد کي ڊائيس تي بيھي شاگرد کي سمجھائڻ ئي نه اچي، تاريخ مان ڪو حوالو ئي نه ھجي ته پوءِ ان مان شاگرد آخر ڇا سکندو؟ ھتي ڪلاسن اندر سائنس جو استاد شاگردن کي ان ڳالھه تي قائل ڪندو ھجي ته ڊارون وارو ارتقا جو نظريو ته محض ڪتابي ڳالھه آھي! اتي ڪھڙي تخليقي سگھه پيدا ٿي سگھي ٿي؟ ڪھڙو شاگرد شين کي تنقيدي نظر سان ڏسندو؟ معنيٰ اتي جي حضوري ۽ ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪجي ضمير ۽ سچ جو سودو ڪجي صرف پيپر ۾ پاس ٿيڻ لاءِ!؟ جتي ٻي دنيا ترقي جي اوج تي رسي ھجي پر اسان جي اعليٰ تعليمي ادارن اندر اڃا 19ھين صدي جو نصاب 21ھين صدي ۾ پڙھايو وڃي، جتي شاگردن ويچارن کي اھا به خبر نه ھجي ته جنھن شعبي ۾ اسين چار سال ڌڪا کائي رھيا آھيون ھن ملڪ جو ۽ تعليمي ادارن جو اھڙو حال ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته ان جو مستقبل ۾ ڪو آئوٽ پٽ به ملندو يا نه!؟ ظاھر آھي ته شين لاءِ ڪيل محنتن ۽ جفاڪشين جو آئوٽ پٽ به ملندو پر تڏھن جڏھن اسان جا تعليمي ادارا شاگردن ۾ اھا قابليت، اھا لياقت، اھو معيار پيدا ڪري سگھن، جن کي سيکاريو وڃي ته پنھنجي ڳوٺ، شھر، عوام، وطن ۽ ڌرتي جو مستقبل سڌارين ۽ پنھنجون سموريون لياقتون ان تي خرچ ڪن. ڇاڪاڻ ته ھي دور مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جو دور آھي، ھن دور ۾ انفرادي توڙي گڏيل صلاحيتن سان پنھنجي نسلن، عوام توڙي ادارن جا مستقبل سڌاري سگھجن ٿا.

ھي 21ھين صدي آھي. ھي جديد دور، مقابلن جو آھي، ھي دور شين کي تخليقي ۽ تنقيدي انداز ۾ پرکڻ، سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جو دور آھي، ھي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۽ پنھجي وطن قوم ۽ ڌرتي لاءِ صحيح ھدف ۽ مقصد طئي ڪرڻ جو دور آھي، ھن دور ۾ اھي ئي ماڻھو پنھنجي قوم ۽ عوام جي مفادن جو بچاءُ ڪري کٽي ۽ پنھنجي قوم جو مستقبل سڌاري سگھن ٿا جيڪي ملڪن ۽ قومن جي معاشي صورتحال کي سمجھڻ ۽ انھن جي معاشي وسيلن کي ڦرلٽ کان بچائڻ جي گھري ڄاڻ رکندا ھجن، جيڪي مقابلي جي سگھه رکندا ھجن ۽ سماج جي تبديلي جي نظرين، تاريخ ۽ ان جي وھڪري کان واقف ھجن. جيڪي تاريخ جي جدلي ۽ مادي وھڪري کان اڻ واقف آھن ۽ معاشي وسيلن جون گھرجون نٿا سمجھن، اھي ڪي به تبديلي جون گھرجون طئي نٿا ڪري سگھن اھي پنھنجي قوم جي مجموعي مفادن لاءِ ڪجھه سوچي نٿا سگھن.

ھن دور ۾ کٽي صرف اھو سگھي ٿو جنھن ۾ کٽڻ جي مھارت ھجي، جيڪو قابل ھجي پر ڏاڍي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان جا ادارا سکيا ۽ قابليت جي بنياد تي شين کي سڌاري بجاءِ صرف ڪاغذن جي سونھن بڻائي ڇڏيو آھي. اسان جي سماج جي ھر فرد استاد توڙي شاگرد، قلمڪار، اديب ۽ ھر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل شخص تي اھو فرض عائد ٿئي ٿو پنھنجي تعليمي ادارن کي سڌارڻ لاءِ آواز اٿاريون، پنھنجن قابليتن ۽ صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ انھن کي پنھنجي صحيح مقصد، قوم ۽ وطن جو مستقبل ۽ مقدر سنوارڻ لاءِ استعمال ڪريون، ادارن جي مالڪي لاءِ تعليم کي جاگيردرن جي جاگير جي ماتحت نه ڪريون پر انھن کي پنھنجي سکيا، سائنسي تجربن، علمن جو سمنڊ ۽ بحثن جو مرڪز بڻايون. قوم جو مستقبل سڌارڻ لاءِ قوم جي ھر فرد کي باشعور ڪرڻ ۾ پنھنجو پنھنجو فرض نڀايون ۽ پنھنجا مقدر سنواريون.