ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي طرفان شهري جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي زمين جي حيثيت معلوم ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه پٽيشنر عبدالرئوف ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي گلستان جوهر ۾ واقع سندس پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ته 50ع واري ڏهاڪي ۾ چاند بي بي روڊ تان موجوده هنڌ تي منتقل ٿي هئي، جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گلستان جوهر اسڪيم بعد ۾ آئي، يونيورسٽي پڻ ضرورت تحت ڪجهه پلاٽ بعد ۾ ورتا،عدالت کي استدعا آهي ته ڪراچي يونيورسٽي کي ڄاڻايل زمين تان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.