قصو بک جي فلسفي ۽ فلسفي جي بک جو!

0
288

اسين غريب ماڻهو لاڪ ڊائون جي ڪري تاريخ ڪمائڻ کان وياسين ۽ مهانگائي جي ڪري ڍئو ڪري ماني کائڻ کان به وياسين. ڏينهن جو ماني کائون ته رات جو بک تي پيا آسمان جا تارا ڳڻيون، رات جو ماني کائون ته ڏينهن جو بک تي پيا ڇت جون پٽيون ۽ داسا ڳڻيون.
واندو ماڻهو شيطان جو ڀاءُ سو مون واندڪائي ۾ اخبارون پڙهڻ شروع ڪيون. اخبارن ۾ به درد ناڪ خبرون، خودڪشيون، قبيلائي جهيڙا، نياڻين سان لڄالٽ، اقليتي نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ، سنڌ جي قديم ڳوٺن ۽ ماڳن تي ظالم بلڊرن جا قبضا، مسڪين فلسطينين تي وحشي ۽ ظالم اسرائيل جا حملا، بمباري، ٻارڙن ۽ عورتن جو قتلام. خبرون پڙهي منهنجا وار ڪانڊراجو وڃن. ڏک ۾ ايئن پيو ڏڪان جهڙو تار تي اڳٺ پيو لڙڪي. مون اخبارون ڦاڙي انهن کي باهه ڏئي ڇڏي. سوچيم نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري.
ابا باهه جو ڀنڀٽ وڃي ڇت سان لڳو مون وارو ڪکائون جهوپو سڙڻ لڳو. مون ۽ طوطن ماءُ گهر جو سامان ڪڍي گيدوڙي جي وڻ هيٺان رکيو. وتائي فقير واري ڳالهه ته ڪڏهن ڪڏهن سڃ به ڪم اچيو وڃي. اسان وٽ به مختصر سامان هو ٻه کٽون، ٻه هنڌ، ٻه ٽي وڳا ۽ ٿانءَ ٿڦا. گهر سڙي رک ٿي ويو ته پوءِ مٽ مائٽ ۽ پاڙي وارا باهه وسائڻ لاءِ پاڻي جا مٽ دلا ۽ ڏول کڻي آيا. چيومان پهرين ايندي توهانکي به تپ ٿي چڙهيو هاڻي انهي پاڻي سان پاڻ وهنجي وڃي پاڪ صاف ٿيو. مون وري جهنگ مان ڪاٺ ڪلا وڍي، کپ ۽ سر آڻي، مٿي لڪائڻ لاءِ گيدوڙي هيٺان نئين جهوپڙي ٺاهي.
آئون ٽيم پاس ڪرڻ لاءِ وري سئوٽ صدوري جي گهر ٽيوي ڏسڻ لاءِ وڃڻ لڳس. هڪ سنڌي چئنل تي وري ٻه ٽي سال پراڻي فلم هلائڻ جو رواج هجي. ايڪسيڊنٽ ڪڏهن به ٿئي، ڪٿي به ٿئي، اها ئي فلم هلندي جنهن ۾ ساڳيو حادثاتي شعبو هوندو. انهي ۾ هڪ مائي ڪارن ٽٻڪن واري اڇي پوتي پايو پئي ويندي. هڪ بيڊ تي پوليس وارو هوندو، ٻئي بيڊ تي هڪ گنجو عينڪي ڊاڪٽر پيو مريض کي ڏسندو . اهو ڊاڪٽر مون ٽيوي ۾ ٽي هزار دفعا ڏٺو آهي. ڪورونا جي ڪهڙي به خبر هجي فلم پراڻي هلندي وڏين ڍڳي جيڏين اکين واري ڊاڪٽرياڻي پئي مريض ڏسندي. هيٺان جيڪي جملا لکيل هوندا انهن ۾ به وڏيون غلطيون هونديون. اسلام آباد کي اعلان آباد، ڪلوئي شهر کي ڪالوني، چورن پاران شورن پيا لکندا. آدمشماري ۾ 6 ڪروڙ مردن کي 60 ڪروڙ لکيائون. مون سنڌي چئنل ڇڏي اردو چئنل ڏسڻ شروع ڪيا. اتي وري مصيبت اها جو 10 منٽ پروگرام هلي ته چاليهه منٽ ائڊورٽائيزمينٽون پيون هلن. هر هر هڪڙو ٽرڙو ڇورو اکيون ڦاڙيو بيٺو آهي جنهن جي ڪلهي تان ڊينڊرف لهي ئي ڪو نه ٿو، پوءِ وري شيمپو جي مشهوري اچي. وري هڪ  پوڙهي سڪل داغ تي ننهن هڻي چئي ٿي هي داغ هاڻي ڪو نه لهندو وري هڪ نوجوان ۽ ٺاهوڪي مائي اهو داغ سرف سان لاهي ٿي ڏيکاري، هڪڙو مشهور ڪرڪيٽر وري رگڙا جو داغ سرف سان پيو لاهي. موٽرسائيڪل ڪمپني جي مشهوري ۾ وري هڪڙو جوڙو پنهنجي گهر، اي سي فرج ۽ ڪچن جي تعريف پيا ڪن. تيسين سندن ڇوري جو موبائيل خراب ٿيو وڃي. آئون انهن مشهورين مان ايترو بيزار ٿي پيس جو سروٽو کڻي ٺڪاءُ جو ٽيوي کي ڪرايم ته ٽيوي جي اسڪرين چوڏهن ٽڪر ٿي وئي جهڙو مٽ گهڙا منجي تان ڪري پيو هجي.
آئون ته ڀڄي اچي گهر پهتس سئوٽ صدوري وڃي رئيس گلڻ خان گول باڊي کي دانهن ڏني. تنهن جرڳو ڪيو ۽ مون کي ڏوهاري قرار ڏئي ٽيوي ڀري ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو. چڱو جو مون وٽ ڪا معصوم نياڻي ڪا نه هئي نه ته اها به سڱ چٽي ۾ سئوٽ صدوري جي چريي عليل پٽ کي ڏيڻي پئجي وڃي ها. سنڌ جي جرڳائي وڏيرن ۾ معصوم نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو وڏو مرض پيل آهي. بحرحال پوءِ مون پنهنجي ڀلوڙ ڪاموري ٻڪري سئوٽ صدوري کي ڏيئي پنهنجي جان آجي ڪرائي.
پوءِ مون سوچيو ته واندڪائي مان فائدو وٺجي ۽ جهنگ ۾ وڃي ڪنهن گهاٽي وڻ هيٺان ويهي، گيان ۾ غور ۽ ويچار ڪري آئون سنڌ جو مها ڏاهو ۽ فلاسافر ٿي سگهان ٿو. انهي پروگرام کي عملي پاجامو پارائڻ لاءِ آئون طوطن ۽ طوطن ماءُ کان موڪلائي تڏو ۽ گهڙو ڪڇ ۾ ڪري رلي ڪلهي تي رکي وڃي جهنگ ۾ هڪ گهاٽي بڙ هيٺان ويهي گيان ڪرڻ لڳس. پر ڇا غور ۽ ويچار ڪريان؟ ڇا فلسفو ڪريان؟ بک ۾ منهنجا آنڊا ايئن پيا وڄن جهڙو اندر ۾ عالم لوهار پيو چمٽو وڄائي. مون کي شيخ اياز جو هي شعر ياد اچي ويو. “سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا، ڍئو بنا ڍولا، ڪانهي ساڃاهه سونهن جي” بک ۾ ڇتو ٿي مون جهنگ مان سڱريون، پڪا، پيرون، گرڙ ۽ گيدوڙا پٽي کاڌا ته مس وڃي ماٺار ۾ آيس پوءِ مون سوچيو ته مون کي سقراط ۽ ارسطو واري پاليسي اختيار ڪرڻ کپي. انهن جي ڪاپي ڪندي مون اوڙي پاڙي جي ڳوٺن مان اٺ ڏهه ڇوڪرا شاگرد ڪري رکيا. جيڪي پنهنجي گهران مون لاءِ ماني به آڻيندا هئا ۽ منهنجي خدمت به ڪندا هئا. مون وٽ ايترن گهرن مان ماني ۽ مختلف ٻوڙ پئي آيا ته منهنجي لئي ٿي ويندي هئي. پاڻ به کائي ڍئو ڪندو هئس ۽ رات جو طوطن ۽ طوطن ماءُ کي به ڏيئي ايندو هئس. بک جي بلا  مان فيملي سميت منهنجي جان آجي ٿي ته فلسفي تي زور ڏيڻ شروع ڪيم.
الاهي سوچ ويچار کانپوءِ آئون حيران ٿي ويس ته الائجي ڇو اسان ڌرتي ڌڻين جي قومي، عوامي ۽ انقلابي پارٽين ۾ ڌڙي بازي ٿي وئي وري ڌار ٿيل ڌڙن ۾ به ڌڙا ٿي ويا. اسان جي ماسترن واري تنظيم به بجاءِ ماسترن جي مدد ۽ فلاح بهبود جي ٻه ڌڙا ٿي وئي. هڪڙو هل چري گروپ ٻيو سٽيو گروپ، اصل ڪم ڇٽو ٻنهي جا هڪ ٻئي ۾ ٻک. رات ڏينهن ڏاڙهي پٽ! وري اسان جي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت به ڌڙن جو شڪار ٿي ويئي. اڌ ٻي ۽ اڌ ٻي سنگت ٿي وئي. هڪ ڌڙو آهي  مڌ سونلڪي، جهاج ٽويو ۽ آياد ڪانگڙو جو ٻيو ڌڙو فل پڪار سي آل ۽ قل ٿاڪ فل جو، هڪڙي ڌڙي جي پروگرام ۾ ٿا وڃون ته ٻئي ڌڙي وارا ٿا ڏند ڏيکارين ٻئي ڌڙي جي پروگرام ۾ ٿا وڃون ته پهرئين ڌڙي وارا ٿا ڏاڙهي پٽين. وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟ مون سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ ڌڙا بندي جي سببن بابت هڪ ڏاهي کان پڇيو تنهن چيو انهي جو سبب مسلسل غلامي، سامراج جي مداخلت ۽ ايجنسين جي مهرباني آهي. اتي ويٺل ٻئي ڏاهي وڏو تهڪ ڏئي چيو ادا ڪجهه به ڪونهي اسان جي لڇڻن ۽ ليڊري جي انائن جي ڪري ڌڙا بندي آهي. اسان وٽ ستن ميمبرن واري پارٽي جو اڳواڻ به پاڻ کي عظيم ليڊ سمجهي ٿو! چيومانس توهان بلڪل صحيح فرمايو آهي.
آئون مايوس ٿي وري گيان ڪرڻ لڳس. نيٺ انهي نتيجي تي پهتس ته هن ظالم دنيا ۾ طاقتور ڌريون اڀرين ڌرين تي حاوي ۽ قابض آهن. انهن جي ظلم جو شڪار آهن. مسڪين فلسطينين تي وحشي اسرائيلي ظلم پيا ڪن. سندن صدر جو نالو به ٿرڊ ڪلاس آهي. نيتن ياهو يعني نيت ۾ ئي بڇڙو، مسڪين ڪشميرين تي ظالم مودي مرون جا ظلم آهن. اسان جي ملڪ تي وڏيرن، ڀوتارن ۽ سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي حڪومت آهي جيڪي مسڪين عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڪو نه ٿا ڏين. ملڪ رياض جهڙا بگهڙ صفت سرمائيدار مسڪين ڳوٺاڻن جا ڳوٺ پيا ڊاهين. اسان جي مسڪين ماڻهن جي قسمت جا ڌڻي وڏيرا، ڀوتار ۽ سردار آهن. قبيلائي جهيڙا، غير انصافي جرڳا ۽ ڌاڙيلن جا ساٿاري اهي ئي آهن. مسڪين عوام بيروزگاري، غلامي ۽ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي پيو. پنهنجن ٻچن کي بکن ۾ پاهه ٿيڻ کان بچائڻو آهي ته انهن ظالم قوتن خلاف اٿي کڙو ٿيڻو آهي. پاڻ ۾ شاندار ٻڌيون ڪري سندن ٻيڙو غرق ڪري غريب عوام کي جيارڻو آهي. ان ڪري جو هن دنيا ۾ بک مرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به عذاب ڪونهي. آخر ۾ مون کي ڪڙيئي گهنور جي شاعر حافظ نظاماڻي جو هي بيت ياد اچي ويو.
هتي روز جيڪر مان سجدا ڏيان ٿو
ته ماني جو مُلهه مونکي ڏس ڪير ڏيندو
هي آدم جو پٽ آ ملائڪ ته ناهي
جڏهن پيٽ ڀربو تڏهن اک پٽيندو (حافظ)